ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ احتساب عدالت ڪراچي ۾ ٻن ججن شهربانو ڪريم ۽ عبدالغني سومرو جي مقرري خلاف درخواست رد ڪري ڇڏي. عدالت ايڊووڪيٽ نثار تارڙ، راج علي واحد ۽ ٻين پاران احتساب عدالت جي ججن جي مقرري خلاف داخل درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي درخواست رد ڪري ڇڏي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزارت 24 مارچ 2020ع تي جج شهربانوڪريم جي ٻيهر مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو، جڏهن ته جج عبدالغني سومرو کي به 3 سالن لاءِ احتساب عدالت جو جج مقرر ڪيو ويو هو، شهربانو ڪريم جي ٻيهر مقرري آئين ۽ نيب آرڊيننس جي خلاف آهي.