بدين (رپورٽر ) بدين ۾ واٽر سپلاءِ سپروائيزر جي پوسٽ ميوزيڪل چيئر بڻجي وئي، مختلف پاڙن ۾ پاڻيءَ جي کوٽ خلاف رهواسين جو احتجاج. خبر موجب بدين جي وارڊ 6 حيدر ٽائون، شاهه برهان روڊ، پنهور پاڙي، بابا آٽا چڪي، سانگهاڻي پاڙي ۽ ايريگيشن ڪالوني ۾ ٻن هفتن کان واٽر سپلاءِ جو پاڻي نه اچڻ خلاف شهرين شڪيل عباسي، احسان عباسي، زهڪ پنهور، رمضان چانگ، حنيف آرائين، علي محمد شيدي، معشوق عباسي، شاهد چانگ، رفيق ملاح ۽ پرويز ملاح جي اڳواڻي ۾ احتجاج بعد دانهيندي چيو ته بدين شهر ۾ واٽر سپلاءِ سپروائيزر جي پوسٽ پبلڪ هيلٿ کاتي ۽ ڪامورن لاءِ ميوزيڪل چيئر بڻجي وئي آهي، جنهن تان ڇڪتاڻ بعد شهر جي 3 لک آبادي کي پاڻيءَ جي فراهمي نه پئي ٿئي. هنن چيو ته اسان جي پاڙن ۾ ٻن هفتن کان پاڻيءَ جي فراهمي بند آهي. رمضان شريف جي ڀلاري مهيني ۾ پيئڻ جي پاڻي لاءِ پريشان آهيون. بار بار شڪايتن باوجود ميونسپل ڪميٽي يان پبلڪ هيلٿ کاتي جا عملدار مسئلو حل ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن. هنن مطالبو ڪيو ته شهر ۾ پاڻيءَ جي هٿرادو کوٽ ختم ڪئي وڃي، ٻِي صورت ۾ پبلڪ هيلٿ کاتي جي آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو.