منھڙو(ن پ ا) منھڙو ڀرسان مشهور درگاهه سيد سليمان شاهه لڪياري، دريا خان مري، ڦل، مصر جيواء شھرن ۽ سوين ڳوٺن کي هڪٻئي سان ملائيندڙ روهڙي ڪينال تي ٺھيل بودلو موري گذريل سال کان وٺي ھنڌان ھنڌان ٽٽي زبون حال ٿي وئي، جنهن سبب ڄاڻايل علائقن جو هڪٻئي سان زميني رابطو ڪٽجي ويو، جنهن سبب علائقي واسي سخت پريشاني کي منهن ڏيڻ لڳا. علائقي واسين سيد سبب علي شاهه، ياسين شاهه، نصرالله لاشاري، شعبان چانڊيو، اختر چانڊيو، معشوق پنهور، عطا ابروهي ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته ٺيڪيدارن پاران غير معياري مٽيريل استعمال ٿيڻ سبب بودلو موري ڪجهه سالن ۾ ئي تباهه ٿي وئي آھي جنهن لاءِ ڪيترن ئي مهينن کان اسان دانهون ڪندا پيا اچون پر ڪير به ٻڌڻ وارو نه آهي. هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته بودلو موري ٺاهيندڙ ٺيڪيدار خلاف جاچ ڪري ڪاروائي ڪئي وڃي ۽ بودلو موري نئين سر تيار ڪرائي ڏني وڃي.