مقصودورند (ن پ ا) مقصودورند لڳ ڳوٺ خميسو سومرو جي رهواسي ڳوٺاڻي صاحب خان سومرو جي 10 سالن جي معصوم نينگر مجاهد سومرو جو هڪ مهينو گذرڻ باوجود ڪوبه پتو نه پئجي سگهيو. معصوم نينگر مجاهد سومرو جيڪو بسن، ڊاٽسنن، وينن ۾ چڙهي کاڄا وڪڻي گذران ڪري پنهنجي گهرڀاتين لاءِ گذر سفر ڪندو هو جيڪو هڪ مهيني کان گم آهي. نينگر جي ويجهي عزيز ۽ نيشنل پريس ڪلب مقصودورند جي نائب صدر فيض محمد سومرو پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته معصوم مجاهد سومرو جو ڪوبه پتو نه پيو سندن گهر ڀاتي پريشان آهن اسان مسلسل ڳولا ڪئي آهي، انتظاميا کان ڳولا ۾ مدد جي اپيل پڻ ڪئي.