ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ ۾ قومي عوامي تحريڪ پاران بدامني، اغوا جي وارداتن ۽ قبيلائي جهيڙن خلاف احتجاجي مارچ ڪيو، ان موقعي تي فدا محمداڻي، سجاد بروھي، ارصلاح بھلڪاڻي، دلمراد ڏاھاڻي، اڪرم باجڪاڻي، غلام مصطفيٰ ميراڻي ۽ ٻين چيو ته علائقي ۾ رينجرز ھيڊ ڪوارٽر، چوڪيون، پنو عاقل ڇانوڻي، گھوٽڪي شڪارپور ۽ ڪشمور ۾ ھزارين پوليس اھلڪار هجڻ باوجود بدامني تي ضابطو اچي ناهي سگهيو، هنن چيو ته پوليس جي غلط رٿابندي سبب درياهه جي ٻنھي پاسن کان شھيد  جوانن جا لاش ملي رهيا آهن، هنن چيو ته 10 کان وڌيڪ ماڻهو اغوا ٿيل آهن جن کي اڃا تائين بازياب ناهي ڪرايو ويو، هنن مطالبو ڪيو ته بدامني تي ضابطو آڻي قبيلائي جهيڙا ختم ڪرايا وڃن.