ڀان سيدآباد ( ن پ ا ) ڀان سيدآباد جي ريلوي ڦاٽڪ ڀرسان محمد وريل چڳدو جي گهر مان لکن جي چوري ٿي آهي،محمد وريل چڳدو پنهنجي نياڻي حميده چڳدو سان گڏ احتجاج ڪندي ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو ته چور گهر مان 5 تولا سون، 5 لک ڪيش رقم، 4 موبائيل فون، ليپ ٽاپ، بيٽري، سولر پليٽون چوري ڪري ويا آهن، وس وارا نوٽيس وٺي مدد ڪن، هوڏانهن ڀان پوليس جو چوڻ آهي ته جاءِ واردات جو معائنو ڪيو آهي، 2 شڪي ماڻهو به گرفتار ڪيا آهن، واقعي جي جاچ ڪريون پيا.