نوشھرو فيروز ۾ 76 سالن جي تاريخ ۽ تبديليون!

(حصو ٻيون)

ھن تڪ تي ويھاري ڇڏي ھئي ان وقت بي بي سي ۽ اردو ميڊيا جي ھيڊلائينن جي سيد ابرار علي شاھ سرکي بڻجي ويو ھو اليڪشن کان ٻه ڏينھن اڳ سيد ابرار شاھ جي طعبيت تمام گھڻي خراب ٿي پئي جنھن ڪري ھو ورڪ وغيره نه ڪري سگھيو نه ئي وري پولنگ تي وڃي سگھيو 2800 ووٽن تان سيد سرفراز شاھ کان شڪست کاڌي ان اليڪشن ۾ سيد ابرار شاھ 32000 ووٽ ۽ سيد سرفراز شاھ 34800 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو ھو، سيد زوھيب شاھ 6000 ووٽ حاصل ڪيا ھئا اھڙي طرح ئي سيد ابرار شاھ پنھنجي سياسي سفر کي اڳتي وڌائيندي ھمٿ ڀري فيصلن تي اٽيل رھيو 2013ع واري عام چونڊن ۾ وري پيپلز پارٽي سان مقابلو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، سيد ابرار شاھ ھڪ ھزار ووٽن تان اليڪشن کٽي ورتي ھئي پر اھا اليڪشن آر او ۽ ڊي آر او جي اليڪشن ھئي نيٺ سيدابرار شاھ کي صرف 7 ووٽن تان ھارايو ويو، عوام ۾ محبت ۽ عزت ڏسي پيپلز پارٽي مرڪزي قيادت ۽ ادي فريال ٽالپر سيد ابرار شاھ وٽ عاقل شاھ ھائوس ھالاڻي پھتي ۽ سيد ابرار علي شاھ کي پيپلز پارٽي ۾ شموليت ڪرائي جنھن کان پوئ سيد کي حڪومتي ذميواريون ملڻ شروع ٿي ويون، 2014ع کان 2016ع تائين وزيراعليٰ سنڌ جو صلاح ڪار رھيو جنھن دوران ھن 70 سالن کان نظرانداز ٿيل علائقن ۾ ترقياتي ڪم شروع ڪرايا نيشنل ھائ وي ھالاڻي کان سنڌو درياهه تائين محبت ديرو ھالاڻي لنڪ روڊ تعمير ڪرايو جيڪو 70 سالن ۾ نه ٺھي سگھيو ھو نيشل ھائ وي ھالاڻي محرابپور ٽنڊو مير علي کان مھراڻ نيشنل ھائ وي تائين ھڪ شاندار روڊ تعمير ڪرايو ھو، سندس پاران ڪيل واعدن تي عمل ڪندي تعلقي محرابپور ۾ رڪارڊ ڪم شروع ڪرايا. 2018ع واري عام چونڊن ۾ سيد ابرار شاھ پاران پنھنجا واعدا پورا ڪري ضلعي جي سياست کي ئي تبديل ڪري ڇڏيو آھي، 76 سالن جي تاريخ جا رھيل ڪم پورا ڪري ھڪ وڏو مثال قائم ڪيو آھي، سندس ڪيل ڪم جيڪي پاڪستان جي قيام کان پوئ ٺھيا وري ڪنھن دور ۾ نه ٿيا ھئا، سيد ابرار شاھ ضلعي ۾ ھڪ وڏي سياسي تاريخ لکي آھي، جيڪا صدين تائين ياد رکي ويندي. ٺاروشاھ شھر جيڪو ھميشه اقتدار ڌرين جو گھر رھيو درٻيلي جا سيد جيڪي ھر دور ۾ پاور ۾ رھيا ڀريا وارو سيد مراد علي شاھ به ھن تڪ تان سدا بھار ايم پي اي رھيو آهي پر ڪنھن به ھن ٺاروشاھ شھر جي مالڪي نه ڪئي. سيد ابرار شاھ 2018ع واري اليڪشن ۾ ٺاروشاھ واري جلسي ۾ واعدو ڪيو ھو ته جي مان ايم اين اي چونڊجي آيس ته منھنجي پھرين اسڪيم ٺاروشاھ کان نوشھروفيروز روڊ واري اسڪيم ھوندي، اليڪشن کٽڻ کان پوئ سيد ابرار شاھ پھرين اسڪيم ٺاروشاھ کان نوشھروفيروز روڊ جي ڏني جنھن جي لاڳت 55 ڪروڙ ھئي. (جاري)

سيد جاني شاهه/ نوشهروفيروز

جوڳين جي وسنديءَ ۾ جيرام اسڪول!

(حصو ٻيون ۽ آخري)

ھن ڀونگيءَ ۾ ڪيترين سھوليتن جي اڻھوند ھوندي غير سرڪاري ماسترياڻي “پارس” پاران ٻارڙن کي تعليم ڏيڻ جو پڪو ارادو تاريخ 17.02.2022 تي نالي ماتر اسڪول کولي ان جو افتتاح مقامي سطح جي معزز شخصيت نور حسين پتافي کان ڪرايو ته سموري تر ۾ ھاڪ پئجي وئي آھي. ھاڻ اتي 15 مان 275 شاگرد پڙھائيئ جي عمل سان گڏ ٻين تفريحي سرگرمين ۾ به شامل آھن، جن کي وڌيڪ اڳتي پڙھڻ واسطي ويجھي اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو آھي. ان ڏس ۾ پارس مھراڻي پنهنجي ليکي ۽ ذاتي ھرج خرچ تي تعليم کاتي جي آفيس ۽ ٻين ادارن سان به رابطا ڪندي اسڪول جي بھتري لاءِ ڪوششن ۾ رھندي پئي اچي پر افسوس جو تعليم کاتو ضلعو ٽنڊوالھيار، سرنديءَ وارا توڙي چونڊيل نمائندا “جئيرام جوڳي” جي ھن پنهنجن ذاتي وسيلن سان قائم ٿيل جھڙي تھڙي “جھوپڙي اسڪول“ طرف ڪرم جون نگاھون وجھڻ ۾ دير ڪري رھيا آھن. جئيرام جوڳي بذات خود وڏي ساڃاھ وارو ناليورو مرلي وڄائڻ طور مشھوري ۽ مڃتا سبب دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ پنهنجي لاجواب فن سان نانگن بجاءِ انگريزن کي جھومائي آيو آھي. پاڻ ٻاھرين ملڪن جي روشنين، ترقي ۽ خوشحالي کي ڏسندي علم جي اھميت کي پرکي ورتو، ان لاءِ ٻارڙن لاءِ تعليم جي زيور طرف ڌيان ڏنو آھي. غريبن جي بستيءَ ۾ جيرام اسڪول جو اھڙي حالتن ۾ وجود ۾ اچڻ سبب نيٺ خبرون عام ٿي ميڊيا جي غريب عوام دوست صحافين تائين پھتيون جن ميڊيا تي رپورٽنگ ڪندي خبر کي بريڪ ڪندي نشر ڪيو. ٻئي طرف سماج سڌار جھوني ليکڪ ۽ تاريخ  تي اک رکندڙ محترم استاد عبدالله جروار جا ڪالم به اخبارن ۾ شايع ٿيڻ سان جوڳين جي ھن اسڪول سميت ادي پارس مھراڻي جا بغير معاوضي استاد طور فرضن جي بجآوري جا چرچا عام ٿيڻ سان سندس عزت احترام ٿيندي ڏسجي ٿو. جنهن لاءِ کيس شاباسون ملنديون رھن ٿيون. ان مناسبت سان ڪجھ ڏينهن ٿيندا جو DC صاحب (ٽنڊوالھيار) پاران نياڻيءَ سان رابطو ڪندي اسڪول لاءِ ڪتاب، خيما، غلم به  موڪليا ويا، جيڪي وصول ٿيا آھن پر ڳالهه اڃن اڳتي آھي ڇو جو سرڪاري طور اسڪول جي عمارت، بنيادي ضرورتون، بجلي، پکا، پيئڻ  جو صاف پاڻي، طبي مرڪز، رستو وغيره جي سخت ضرورت سمجھي وڃي ٿي، جيئن ٽنڊوالھيار جي ھن “جھوني جئيرام جوڳي” سان منسوب اسڪول غريب جوڳين جي وسندي ۾ ٻارڙن جو مستقبل علم جي روشني سان سنوارجي سگھي ۽ ھو نانگن بجاءِ ڪتابن طرف شوق رکي ٻين برادرين وانگر پنهنجي سماج ۽ قوم جي بھتري لاءِ ڪارائتو ڪردار ادا ڪري سگھن.

منظور حسين ڪالرو/حيدرآباد

ڪتاب ڪيترو پڙهجن پيا؟

 

سوال اهو ناهي ته ڪتابن جي اهميت ڪيتري آهي پر سوال اهو آهي ته ڪتاب ڪيترا پڙهجي رهيا آهن، ڪتاب جي اهميت جديد دور جهڙي شارٽ ڪٽ پيرڊ مان لڳائي سگهجي ٿي، جنهن ۾ جيتري قدر پڙهڻ گهرجي اهو نٿو پڙهيو وڃي، سبب هي آهي ته سوشل ميڊيا سبب اسين ڪتابي ڪيڙو ٿيڻ بدران ڪتابن جا دشمن ٿي ويا آهيون، اسان جي ستم ظريفي اها آهي جو اسين هن جديد دور ۾ ڪتابي مطالعي کان محروم ٿي ويا آهيون، جتي اسان کي هٿرادو شيون مهيا ڪري ڪتاب کان پري اڇلايو ويو آهي. ڪتاب جيڪي انساني دماغن جي صلاحيتن ۽ تخليقن کي جنم ڏيندا آهن، اسين انهن جو هاڪاري استعمال ڪرڻ بدران الماڙين، بڪ شيلفن تائين محدود ڪريو ويٺا آهيون. سماجي شعور جيڪو ڪتابن مان ملندو آهي جيڪو انسان جي دماغ جي خوراڪ Product آهي پر اسين انهن کي الائي ڇو Ignore ڪري سڀني صلاحيتن کان محروم ٿيندا وڃون. سٺا ڪتاب سٺا دوست هوندا آهن اسان جي ادبي ۽ سماجي ويهڪن جو مرڪز هوندا آهن پر پڙهڻ جي روايت اسان کان ڪوهين ڏور هلي وئي آهي، نتيجي ۾ سٺا تخليقي ۽ تنقيدي ذهن پيدا ناهيون ڪري سگھيا، هزارين ناول ۽ هزارين سفرناما جيڪي ترجمو ٿيڻ گهربا هئا پر نه ٿي سگهيا، سٺي شاعري، سٺي موسيقي، سٺي تقرير جو فن جيڪو اسان کي اچڻ گهرجي ها نه ٿي سگهيا. “ ڪتاب پڙهڻ سان هيٺين شين ۾ نکار اچي ٿو، ڪتاب پڙهن سان دماغ جي ورزش ٿئي ٿي، گفتگو ڪرڻ ۾ سولائي ٿئي ٿي، تخليقي ۽ تنقيدي سوچ وڌي ٿي، ذهني دٻاءُ گهٽجي ٿو، ٻولي ۽ لغت کي شاهوڪار بڻائين ٿا.” اسان وٽ لائبريريون ويران ۽ غير آباد آهن، اسان وٽ معياري مطالعي جي کوٽ آهي، اسان وٽ سٺيون ڊاڪيومينٽريز نه هجڻ برابر آهن، ڪلاسيڪل ۽ رومانٽڪ شاعري نٿي ملي، ڪهاڻين ۾ ڪا نواڻ نٿي ملي، اهو ڇو آهي! اهو آهي اسان جي نه پڙهڻ جو سلو جنهن سان شين ۾ گهٽتائي آئي آهي. ڪتابن جي اهميت ڇو پئي ٿي؟ ڪتاب ڪهڙيون ڳالهيون سيکارين ٿا، ان جو اندازو اسان جي لکڻين، ڪالمن ۽ تقرير مان لڳائي سگهجي ٿو. رسول بخش پليجي صاحب چواڻي ته: “جڏهن ٿڪجي پئو ته ڪتاب پڙهو، جسم چور هجي، بيزار هجو ته پڙهو، سماج ۾ اڪيلا رهجي وڃو ڪو به گڏ نه هجي، مرڻ جي هڪ سيڪنڍ اڳ به پڙهو، ان سان توهان جو روح تازو ٿيندو، جوان مرد ٿيندو، مقابلي جي سگھ وڌي ويندي، توهان هڪڙا ٻيا ماڻهو ٿي پوندو.” واقعي به عالمي ادب، افسانا، ڪهاڻيون ۽ شاعري اسان جي ذهنن کي ڌوئي صاف ڪندا آهن ۽ اسان انهن مان گهڻو سکندا آهيون.

 

شمن اوٺو/ مهراڻوي

 

ھڪ پروفيسر جو قتل، قومي شعور جو قتل آھي!

 

اَڄ قلم احتجاج پيو ڪري ۽ ڪتاب خاموش آھن! انڌيري نگريءَ جي ھن راڄ ۾ خبر ناھي اڃا ڪيترا اجمل قتل ٿيندا رھندا؟ اجمل ھا! اجمل، کيس ڪھڙي خبر سندس فرانس مان حاصل ڪيل اھي ڊگريون پنھنجي ئي ديس ۾ اوپرائپ جو روپ اختيار ڪري رتَ ۾ پُسي ڳاڙھيون ٿي ڳَري وينديون! افسوس! ھھڙي بيگناھ ڪونڌر جي قتل تي دل دکدائڪ  آھي. کيس اھا به ته خبر نه ھئي، جو ھتي ورھين کان رائج سرداري نظام جي ڪري سندس اُھي نازڪ، ھٿڙا به گولين جو کاڄ بڻجي ويندا، جيڪي نازڪ ھٿ سندس قتل ٿيڻ کان پھرين قلم ۾ چنبڙيل ھئا، سندس اُھي ھٿڙا ڪنھن بندوق ۾ به ته چوٽيل نه ھئا پوءِ ڇو علم جي ھن خزاني کي ڪو کاٽ ھڻي کائي ويو؟ ھتي ھاڻي پروفيسر جي عھدي تي پھچڻ لاءِ ڊپ ٿئي ٿو، ڇو ته، ٻڌايو وڃي پيو ھن نوجوان کان 20 لک رپيا پڻ طلب ڪيا ويا ھئا! چون ٿا ھو  جيئن ئي سندس ڪچي جي زمين تي پھتو ته انھي ئي وقت کيس موت ڏسڻ ۾ آيو پئي، جنھن کانپوءِ ھڪ احساس دل پروفيسر اَجمل واپس موٽڻ جي به ڪئي پر انھي وقت تن ظالمن سندس گھيرو ڪري ورتو ھو! پوءِ بيوسي جي بازار مان لگھندڙ ڇا ٿي ڪري سگھيو، اھو اجمل؟ ھڪ معصوم پکي جو پڃري اندر قيد ٿيڻ کانپوءِ سندس ڦٿڪڻ کان پوءِ اھو معصوم پکي ڪري به ڇا ٿو سگھي؟ ھن بي ڏوهي نوجوان جي قتل تي سندس وني کي ڳراٽڙيون پائي روئيندڙ سندس معصوم پٽ اداس آھي، ھو پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪندي پنھنجي پيءَ جي ريٽي ٿيل جسم کي ڏسندي سندس احساس ٽڪرا ٽڪرا ٿي پيا آھن! منھنجي سنڌ ڌرتيءَتي موجود علم جي انھيءَ ڏيئي کي ھتي جي گھلندڙ ھوا به ته نه اجھايو ھو، جو کڻي کيس ميار ڏجي پر قبيلائي تضادن جي تار ۾ منھنجي روشن ڌرتي ھاڻي ڌنڌلي نظر اچي ٿي! ڪيتري ئي وقت کان ستارن جي ڀريل ميڙ جڳمڳائڻ ڇڏي ڏنو آھي. خبر ناھي ڇو ڪنھن ٿڪندڙ جسم ۾ ڀريل ٿڌڙا ساھ جا شوڪارا به ساھ جي نالين ۾ ڦٿڪي رھيا آھن، لفظ لفظن سان اٽڪي رھيا آھن، سڀئي احساس ڀٽڪي رھيا آھن. صدين کان ھيءَ سنڌ وڏيرڪي، سرداري نظام جي لپيٽ ۾ اچڻ ڪري سڙي خاڪ ٿي پڄري رھي آھي! سنڌ کي اڏوھيءَ جيان کائيندڙ پيرن، ميرن، سردارن کان ويندي ننڍڙن وڏيرن اڳيان ھتي جو انڌو قانون به ڄڻ بيوس ئي نظر اچي ٿو. جنھن ڪري ڊيلي جي بنياد تي ٿيندڙ واقعن تي دل ڇرڪ ڀرڻ به ڇڏي ڏنو آھي! ھڪ نوجوان پروفيسر جي ھن دردناڪ واقعي تي سندس وارثن سميت سموري سنڌ سوڳوار آھي.

 

رياض امر ٻجورو/سجاول

 

اٽي جا 2 هزار هن پاسي، امان هن پاسي!

 

چڱو چڱو هاڻ فون ڪٽيان ٿو، ماين جي گهڻي رش ٿي وئي آھي، باقي افطار پارٽي جو سنگت کي رات تائين ٻڌائي ڇڏيندس. اوڪي خدا خافظ. ڪال ختم ڪري جيئن ئي سامهون نهاريم ته ماين جي وڏي رش هئي کين هٿن ۾ شناختي ڪارڊ ۽ مايون هڪ ٻن کي ڌڪا ڏئي رهيون هيون. هڪ اڌڙوٽ عمر جي عورت جو ڪارڊ کنيم ٻن هزارن مان 1800 ڏنامانس ته چيائين ابا آئون غريب آھيان، منهنجا 200 نه ڪٽ. وراڻيومانس ته امان پوءِ اسان ڇا جي لاءِ ويٺا آھيون؟ وري چيائين ابا منهنجا نه ڪٽيو ٻين جا ڀلي ڪٽيو، هڪ گهر ته ڏانئڻ به ڇڏي ڏيندي آھي. وڏي ڪاوڙ آئي پر برداشت ڪيم، رڳو ايترو چيومانس امان هي ٻه هزار اٽي جا آھن تون 1800 جو اٽو وٺندين 200 ته مون کي به اٽي لاءِ کپن نه! خير منهنجو ڇا؟ ٿورو ڀڻڪي گهر ڏي نڪري آيس، هر مائي کان ٻن هزارن تي 200 رپيا پي ورتم، منهنجو گذارو سٺو پي ٿيو. دوستن کي افطار پارٽي ڏيڻي هئي، فروٽ، شربت ۽ پڪوڙن کان ويندي سڀ شي جو بنوبست ڪيم پر دعوت انهن دوستن کي ڏنم جيڪي مون کي منهنجي جنم پارٽي تي صرف هڪ هڪ ڏيڊ سئو واري اجرڪ اوڍائيندا آھن ۽ آئون قرض کڻي به شھر جي سٺي هوٽل تي کين ڪڙاهي کارائيندو آھيان يا هو مون کي هڪ اجرڪ جي بدلي هوٽل جي ڪڙاهي کارائيندا آھن. سج لهڻ وارو هو، افطار پارٽي لاءِ سڄي سنگت آيل هئي ته ان ئي ويلي مون کي ان عورت جو چھرو اکين آڏو ڦري آيو، جنهن جا مون اٽي جي پئسن مان 200 کنيا هئا، جيڪا چئي رهي ته ابا آئون غريب آھيان، منهنجا 200 نه ڪٽ. وري آواز ڪنن سان ٽڪرايو، هن افطار پارٽي ۾ مون وارن ٻن سئون مان به ڪجهه ورتو اٿئي يا پنهنجي پگهر جي پورهئي جا پئسا شامل آھن؟ دماغ چڪرائجي ويو، پگهر اچي ويا. هڪ دوست چيو ڇا ٿيو اٿئي؟ افطار پارٽي ڪئي اٿئي پر لڳي ٿو ته دل سان نه ڪئي اٿئي! نه نه، يار اهڙي ڳالھ ناهي. افطار پارٽي ختم ٿي. وڃي بستر تي ڪريس. وري ان اڌڙوٽ عمر جو چھرو اکين آڏو ڦري آيو، محسوس ڪيم ڪو مون کي چوندو هجي، ڏس هن مائي پئسن مان نياڻين جا ڪپڙا ورتا، هن ڀلاري مهيني ۾ فروٽ شربت ته پري جي ڳالھ پري ان وٽ اٽو به ناهي، تون 200 نه ڪٽين ها، آھي ڪو اهڙو واپاري جيڪو مون کان ٻن سئون جي بدلي 2000 وٺي پر منهنجو سک ۽ چين موٽائي ڏي ۽ منهنجي اداسي ختم ڪري.

 

غلام علي گل ٻڄورو/سجاول

 

پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جو جنم!

 

سنڌي سماج توڙي ادارا موجوده دور ۾ پنهنجي ڇڪتاڻ ۽ هلچل جي هن دور ۾ نون ادارن جي ٺهڻ کي خوش آئنده سمجهي ٿو، ڇو ته سنڌ سماج جي قدامت پسندي ۽ ناانصافين جي هن آڙاهه ۾ جتي قومي ميڊيا صرف شهري بنيادن تي شين جي ڇنڊڇاڻ ۽ جانچ پڙتال ڪري ٿي جڏهن ته ان جا ٻيا رخ خاص ڪري ٻهراڙي وارا واقعا ۽ ان ٻهراڙين ۾ ٿيندڙ ناانصافين تي ڪو خاص چٽو موقف نه ٿي رکي. ان ماحول ۾ پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جو جنم سنڌي سماج جي لاءِ هڪ خوش بخت ڳالهه ثابت ٿيو آهي، سنڌ ۾ پاڻي جي مسئلن کان وٺي، تعليم، صحت، قبيلائي تڪرارن کي جهڙي طرح انهن ٻن ادارن واضح ۽ چٽو ڪري پيش ڪيو آهي، اهڙو موقف سنڌ جون ٻيون گهڻ گهريون اخبارون ۽ ادارا واضع نه ٿا رکن، تنهن ڪري اهڙي ماحول ۾ جتي انڌوڪار، بي واجبين ۽ ناانصافين جي بازار گرم هجي ان ۾ پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز چينل جو جنم هڪ ٿڌي هوا جي جھوٽي جهڙو ثابت ٿيو آهي. هنن ٻنهي ادران جتي پنهنجي معيار جو خيال رکيو آهي، اتي هنن ڪڏهن به پنهنجي موقف جي حوالي سان ڪنهن به قسم جي سودي بازي نه ڪئي آهي. سنڌ کي اهڙي ادارن جي سخت ضرورت آهي جيڪي ان جي آواز کي اعليٰ ايوانن ۽ اقتدار اعليٰ تي براجمان حڪمران تائين پهچائي لوڪ جو ڀلو ڪري سگهن. تازو ئي قبيلائي تڪرارن جي نظر ٿيل سنڌ جو شعور اجمل ساوند جو ڪيس جهڙي طرح پنهنجي اخبار پيش ڪيو آهي ۽ قاتلن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ جي لاءِ سنڌ جي شعور جو آواز بڻي آهي ان تي هن کي جس هجي.

 

زبير ٻگهيو ڪوٽڙي ڪبير/نوشهروفيروز

 

نوجوانن اندر روئيي جي تبديلي ۽ موبائل فون..

 

(حصو پهريون)

 

تاريخ ايجادن سان ڀري پئي آھي، انھن ۾ موبائل فون سرفهرست آهي. موبائل فون ھڪ اھڙو ذريعو آھي جنھن ذريعي ھڪ انسان ھزارين ميل پري ڪنھن به شخص سان آسانيءَ سان ڳالھائي سگھي ٿو. اھڙي ايجاد جنھن جو ايجاد ڪندڙ شخص مارٽن ڪوپر ھو، جيڪا 3 اپريل 1973ع ۾ ٿي، جنھن جو تصور ٽيليفون مان ورتل آھي جنھن جو باني ايليگزينڊر گراھم بيل آھي، جيڪا سن 8 مارچ 1876ع ۾ ايجاد ٿي. موبائل فون ايڪويهين صدي ۾ پوري دنيا ان کي ايئن استعمال ڪري رھي آھي جيئن پاڻيءَ جو استعمال عام طور تي ٿيندو آهي. موبائل فون هن جديدي دور جو اھم ڪمپونينٽ آھي جنهن جي ذريعي اسان هن عالمي سطح تي ھڪ ٻئي سان گڏ آهيون، جنھن پوري دنيا کي پنھنجي جادوئي مقناطيسي قوت ذريعي غلام بڻائي رکيو آهي، جنھن جو استعمال اسان جي عام رواجي زندگيءَ ۾ ٿئي ٿو. عام رواجي زندگيءَ ۾ موبائل اسان جي مختلف ڪمن لاءِ استعمال ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ دنيا جو ھر وڏو ننڍو ماڻھو موبائل جو محتاج آهي، جيئن ته دنيا اليڪٽرانڪ ميڊيا ذريعي ئي پنھنجا ننڍا وڏا ڪم سرانجام ڏئي رھي آھي ۽ اليڪٽرانڪ ٽولز ۾ موبائل فون سرفهرست آهي جنھن جي اھميت ھر دور ۾ ساڳي ئي رھندي، جيئن ھر شيءِ فائديمند به ھوندي آھي ته ٻي پاسي غير فائديمند پڻ جنھن جو استعمال فقط انسان تي آھي ته اھو ان کي ڪھڙي نموني استعمال ۾ آڻي ٿو. اھڙي طرح موبائل فون جا انيڪ فائدا به آهن ته ٻي طرف ان جا نقصان پڻ ڇو ته اھو ڪائناتي اصول آھي ته ھر شيءِ جا ٻه پاسا ھوندا آھن ۽ اھڙي ريت ھر شيءَ جيئن فائديمند به ھوندي آھي ته وري ٻي پاسي ان جا ڪيئي نقصان پڻ ھوندا آھن. مثال جي طور جيئن انسان سٺو به آھي ته وري ابليس به، موبائل فون سان به ڪجھ اهڙي ئي حالت آھي. ھڪ طرف موبائل فون جا فائدا جي ڏسجن ته عالمي سطح تي ھي اھڙو جديدي عنصر آهي جنھن سبب ئي پوري دنيا ڳانڍاپي ۾ آھي. نوجوان شاگرد توڙي عام ماڻھو موبائل فون ذريعي آن لائن ڪاروبار ڪري رهيا آهن ۽ پنهنجي تعليم کي به اڳتي وڌائي رهيا آهن.(جاري)

 

ماريا ميمڻ/ حيدرآباد

 

سارنگ شر جي آزادي سنڌ جي ٻارن جي خوابن جو قيد ٿيڻ آهي!

 

سوال اهو آهي ته اسان جي معاشري کي ڪهڙي قسم جا استاد عروج جون تختيون چاڙهيندا؟ ڇا اسان کي سارنگ شر جهڙا استاد کپن؟ جيڪي سري عام ٻارن سان ڏاڍايون ڪن ٿا، انهن ٻارن سان جن کي پنهنجي ماءُ صبح جو سوير پنهنجي ننڍ ڦٽائي تيار ڪري اسڪول موڪلي ٿي ۽ جنهن جو پيءُ پاڻ کي ڪنجوس سڏائي پنهنجي خواب لتاڙي اسڪول موڪلي ٿو، ته جيڪي خواب هو پاڻ پورا نه ڪري سگهيو اهي خواب هن جو پٽ پڙهي پورا ڪندو! ۽ جڏهن هو پنهنجي بيمار ماءُ ۽ مزدور پيءُ جا خواب کڻي اسڪول پهچي ٿو ته اتي هن کي سارنگ شر جهڙا استاد ٿا ملن، ڇا ايئن اسان جو معاشرو عروج جي تختين تي چڙهندو يا ٻئي پاسي پروفيسر اجمل ساوند هو، جيڪو پنهنجي ٻارن جا خواب لتاڙي سنڌ جي مزدور پيئرن جا خواب پورا ڪرڻ لاءِ ٻاهرين ملڪن ۾ پنهنجي عيش واري زندگي ڇڏي سنڌ آيو هو ته جيئن مزدور پيئرن جا غريب ٻار اڳتي اچي سگهن. سڀني کان وڌيڪ پگهارون ته جج ۽ عدالتي اداران جا ملازم ئي کڻن ٿا پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته انصاف ته ٽڪو به نٿو ملي! اسان جي عدالتي نظام جو مثال ايئن آهي جيئن ڪا ٻڪري ڪنهن عدالت ۾ اچي بيهارجي پوءَ به جج چوندو ته اوهان کي خبر آهي ته هي ٻڪري آهي؟ مان به ڄاڻان ٿو ته هيءَ ٻڪري آهي، ڏسجڻ ۾ به ٻڪري ٿي اچي پر ان ڳالھ جو ثبوت ڪٿي آ ته هي ٻڪري آ؟ ساڳو ڪم سارنگ شر جي ڪيس ۾ ٿيو آ، هيڏا سارا وڊيوز پيا آهن پر وري به اسان جا جج صاحبان چون ٿا ته ثبوت پورا ناهن. سارنگ شر ان وڊيو ۾ ڪنهن ٻار سان نه پر اسان جي انصاف جي نظام سان ڏاڍائي ڪئي آهي ۽ ان انصاف جي نظام مان اهو ئي اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته شايد هن سماج کي اجمل ساوند جهڙن استادن جي نه پر سارنگ شر جهڙن استادن جي ضرورت آ؟! جيڪي هر روز انصاف سان کيڏندا رهن ۽ مزدور پيئرن ۽ بيمار مائن جا خواب لتاڙيندا رهن؟ ڏکين جملن لاءِ معذرت پر لکي سڄي حقيقت آهي.

 

سولنگي سميع/ ڊفينس، ڪراچي