بخشاپور (ن پ ا)بخشاپور ويجهو ڳوٺ جاڙو بنگوار ۾ زمين جي معاملي تان بنگوار برادري جي ٻن ڌرين مامن ۽ ڀاڻيجن ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ سبب ٻنهي ڌرين جا الله داد، بابل، شاه علي، ماڻڪ، آچر، ذوالفقار، ڪرم علي، علي جان، محمد امين، راڻو، ٽلڻ، اڪبر شاه، بخش شاه، عمران ۽ سليم بنگوار سميت 17 ڄڻا زخمي ٿي پيا. اطلاع تي پوليس پهچي زخمين کي ڪشمور جي اسپتال منتقل ڪيو، آخري اطلاعن تائين جهيڙي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.