حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي نسيم نگر پوليس پوسٽ جي انچارج سيد فيض علي شاهه جي فرياد تي اڳوڻي وڏي منشي موندر خان ۽ اهلڪار حبدرا لاشاري خلاف اهو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته انهن ٻنهي اهلڪارن مال خاني مان سامان چوري ڪيو ۽ اهو سامان وڪرو ڪري مال خاني کي نقصان پهچايو. سندن خلاف مال خاني مان چوري ۽ ڊيوٽي ۾ بدديانتي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. وڏي منشي موندر خان خلاف جعلي فيسڪ بڪ اڪائونٽ ٺاهي معلومات ليڪ ڪرڻ ۽ ماڻهن کي ڌمڪائڻ لاءِ فيسڪ بڪ اڪائونٽ تي آفيسرن جا نالا شايع ڪرڻ جو به الزام آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته خود احتسابي جي عمل تحت اها ڪارروائي ڪئي وئي آهي.