ڳڙهي خيرو/دوداپور (نمائندن وٽان) دوداپور ڀرسان هٿياربندن گوليون هڻي پيرسن کي قتل ڪري ڇڏيو، مخالفن تي حملو ڪري مارڻ جو الزام، خبر موجب محمد پور ٿاڻي جي حد ڳوٺ عبدالمجيد چاچڙ تي هٿياربندن حملو ڪري فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو غلام نبي چاچڙ ٿڏي تي قتل ٿي ويو، اطلاع تي محمد پور پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جو لاش تعلقه اسپتال ڳڙهي خيرو منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. رابطو ڪرڻ تي مقتول جي ڀاءُ عبدالمجيد چاچڙ پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته ملغاڻي برادري سان سندن تڪرار هلندڙ آهي، جن فون ڪري گهرائي ڀاءُ کي قتل ڪيو آھي، ٻئي طرف الزام هيٺ آيل ملغاڻي برادري جي چڱي مڙس دودو خان ملغاڻي جو چوڻ آھي ته چاچڙ برادري سان زمين تي تڪرار هلندڙ ضرور آھي پر هن قتل ۾ ملوث ناهيون، غلام نبي کي پنهنجي ئي برادري جي ماڻھن قتل ڪيو آھي، اسان جي مٿان ڪوڙو الزام لڳايو پيو وڃي. ياد رهي ته ٻه سال اڳ زمين جي مالڪي تان چاچڙ ۽ ملغاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو هو، جنهن ۾ ھن وقت تائين ٻنهي ڌرين جا 5 ڄڻا قتل ٿي چڪا آھن.