ٽنڊوالهيار (رپورٽر) سوشل ميڊيا تي ٽنڊوالهيار ميونسپل ڪميٽي جي اڳوڻي چئرمين سيد امداد شاھ خلاف نيب ۾ ڪنهن شخص پاران ڪرپشن جي درخواست بابت خبر وائرل ٿيڻ بعد امداد شاھ ترديد ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته آئون ڪنهن جي به بليڪ ميلنگ ۾ نه ايندس. مون ڪابه ڪرپشن نه ڪئي آهي، جيڪڏهن ڪو شوق پورو ڪرڻ چاهي ٿو ته ڪري وٺي آئون، هڪ روپيو به نه ڏيندس. هن چيو ته ڪنهن صحافي 25 هزار روپيا گهريا، نه ڏيڻ تي منهنجي خلاف ڪوڙي پروپيگنڊا سوشل ميڊيا تي ڪري رهيو آهي. آئون ڪرپشن ڪريان ها ته ضرور انهن هٿان بليڪ ميل ٿيان ها پر ھاڻ آئون انهن خلاف عدالت سڳوري ۾ ضرور ويندس.