بخشاپور/بڊاڻي (نمائندن وٽان) بخشاپور ويجھو گبلو ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڪچو کاهي ۾ شادي رات مبينا طور جوابدار مڙس عبدالرشيد بنگوار ڪارنهن الزام هيٺ پنهنجي گهرواري مسمات صغران ڌيءُ امام بخش بنگوار کي گهٽا ڏئي بيدردي سان قتل ڪرڻ بعد لاش کي گم ڪري فرار ٿي ويو، اطلاع بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ناري جي لاش جي ڳولا شروع ڪري ڏني آهي، ان حوالي سان ايس ايچ او گبلو شيردل بنگوار ٻڌايو ته مقتولا صغران کي جوابدار مڙس رشيد بنگوار ڪارنهن الزام مڙهي قتل ڪرڻ بعد لاش کي سنڌو درياءُ ۾ لوڙهي ڪچي طرف فرار ٿي ويو آهي، مقتولا عورت جي لاش جي ڳولا ڪري رهيا آهيون، ٻي طرف عورت جي وارثن ڳوٺ محمد نواز بڊاڻي جتوئي جي رهواسڻ ڏاڏي مسمات سهاڳڻ خاتون، چاچو گامڻ بنگوار، ڀيڻ سمينا خاتون ۽ ٻين پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي دانيهندي چيو ته گذريل ڏينهن اسان پنهنجي نياڻي صغران جو نڪاح رشيد بنگوار سان ڪرايو، جوابدار رشيد بنگوار اسان جي نياڻي کي گهر وٺي وڃڻ بعد پنهنجن ڀائرن سان گڏجي ناحق ڪارنهن الزام مڙھي قتل ڪيو آهي، هنن چيو ته پوليس جوابدارن کي گرفتاري لاءِ ڪابه ڪارروائي نه ڪئي آهي، ڪيس داخل به نه ٿو ڪيو وڃي، هنن چيو ته اسان سان ظلم ٿيو آهي، نياڻي جي هٿن جي ميهندي جو رنگ به نه لٿو ۽ هن کي قتل ڪيو ويو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪري لاش جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.