صدرجي ڀٽيون ( ن پ ا) صدرجي ڀٽيون لڳ ڳوٺ حيات اڄڻ جو رهواسي ۽ اڄڻ برادري جو چڱو مڙس نيڪ محمد اڄڻ ڪراچي جي علائقي سپر هاءِ وي لڳ شهباز ڳوٺ ۾ پُراسرار نموني فوت ٿي ويو آهي، وارثن علي گل اڄڻ ۽ ٻين شڪ ظاهر ڪندي چيو ته نيڪ محمد ڪراچي ۾ پلاٽن جو واپار ڪندو هو جنهن جا لکين رپين جا پلاٽ هئا شڪ آهي ته کيس ڪنهن زهر ڏئي قتل ڪيو آهي جڏهن ته واقعي بابت حد عبدالرحمن انڙ ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ هيو ته واقعو ڪراچي ۾ پيش آيو آهي جاچ به اتي ئي ٿي سگهي ٿي جڏهن ته فوت ٿيل چڱي مڙس جي بنا پوسٽ مارٽم جي تدفين ڪئي وئي آهي.