شھدادڪوٽ (رپورٽر) شھدادڪوٽ ۾ شھيد سرائي قربان کھاوڙ جي 10 ورسي اڄ ملهائي ويندي، ان ڏس ۾ شھيد سرائي قربان کھاوڙ يادگار ڪاميٽي پاران باکوڙي موري جي شھيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ رت جا ڏيئا ٻاري شھيدن جي تصويرن اڳيان گل رکي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. ان موقعي تي شھيد سرائي قربان کھاوڙ جي پٽن سرائي زين کھاوڙ، سرائي شير کھاوڙ، ايس يو پي اڳواڻ آصف مگسي، سني مالھاڻي، رميز تنيو، آصف لاشاري ۽ ٻين چيو ته 10 سال اڳ21 اپريل تي باکوڙي موري ڀرسان سنڌ جي عشق ۾ زنده ساڙي سرائي قربان کھاوڙ ۽ سندس ساٿين روپلو چولياڻي، نور الله تنيو، ماسات جکراڻي ۽ نادر بگٽي کي شهيد ڪيو ويو، هنن چيو ته سنڌ جي دلير پٽن کي شھيد ڪري قومي تحريڪ کي خاموش ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي وئي، شھيدن جي عظيم قرباني کي ھميشھ ياد رکيو ويندو. هوڏانهن اڄ اربع ڏينهن سرائي قربان کھاوڙ يادگار ڪاميٽي پاران شهيدن جي 10 ھين ورسي ملھائي ويندي، ان حوالي سان کھاوڙ ھائوس غريب آباد کان ريلي جي صورت ۾ قافلو نڪرندو، جنهن ۾ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، پنھل ساريو، شير کھاوڙ ۽ ٻيا اڳواڻ شرڪت ڪندا، جنهن بعد شھيدن جي مزار تي پھچي گلن جون چادرون چاڙھيون وينديون.