ھالاڻي (رپورٽ: جاني شاهه) حڪومت جي بي ڌياني سبب ھالاڻي ۾ گذريل 11 سالن کان لائبريري جو ڪم اڌ ۾ پيل، ٺھيل عمارت به ڪرڻ لڳي، جنھن سبب موالين پنھنجو آستانو ٺاھي ڇڏيو، شھر ۽ آس پاس جي نوجوانن ڪيترائي احتجاج ڪيا پر ڪنهن به معاملي جو نوٽيس نه ورتو. لائبريري جو ڪم شروع ٿيڻ کان اڳ ئي لائبريري جي پلاٽ تي پير بخش انصاري نالي شخص ڪيس ڪيو ھو ته ھي پلاث منھنجو آھي جنھن سبب ٻه سال لائبريري جو ڪم بند رھيو، جنھن کان پوءِ پ پ پ ايم پي اي سيد احمد علي شاھ ٽينڊر کي ري شيڊول ڪرائي لائبريري جو ڪم شروع ڪرايو. ان وقت 40 لکن جي لاڳت سان لائبريري جو ڪم شروع ٿيو ته ان وقت به لائبريري سياست جي ور چڙھي وئي. ٺيڪدار تعلقي ڪائونسل محرابپور مان فل پيمينٽ وٺي ڪم اڌ ۾ ڇڏي فرار ٿي ويو، جنھن ڪري ھن وقت تائين 11 سالن کان مٿي ٽائيم ٿي ويو آھي پ پ پ جو ٽيون اقتدار به پورو ٿيڻ وارو آھي پر لائبريري جو ڪم مڪمل نه ٿي سگھيو. شھرين ٽائيم نيوز سان ڳالھائيندي سجاد شاهه، ھاشم رند، فرحان ميمڻ، سرفراز علي، امان الله چيو ته اسان جي شھر ۾ اھڙي ڪابه تعليمي پوائنٽ نه آھي جنھن ۾ شھري علم حاصل ڪن، 11 سالن کان شھر جي واحد لائبريري جو ڪم به اڌ ۾ پيل آھي، نوجوان ھوٽلن ۽ دڪانن تي ٽائيم پاس ڪري رھيا آھن. ھاڻي ته لائبريري موالين جي قبضي هيٺ آھي. ھنن وس وارن کان اپيل ڪندي چيو ته جلد کان جلد لائبريري جو ڪم مڪمل ڪرايو وڃي جيئن ھتان جا نوجوان ھوٽلن يا ٻئي ڪنھن ھنڌ غلط صحبت ۾ اچڻ بدران ڪتابن کي وقت ڏئي سگهن.