ممبئي: بالي ووڊ اداڪار جمي شيرگل کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي. جمي شير گل بالي ووڊ جي ڪيترن ئي فلمن ۾ ادا ڪيو آهي جن ۾ ’محبتين‘ ، ’دل هي تمھارا‘ ، ’منا ڀائي ايم بي بي ايس‘ ۽ ’اسپيشل 26‘ شامل آهن. ڀارتي ميڊيا رپورٽن مطابق پنجاب جي شهر لڌيانه جي هڪ اسڪول ۾ فلم جي شوٽنگ ڪيترن ئي ڏينهن کان جاري هئي، جنهن تي پوليس اچي شوٽنگ بند ڪرائي ڇڏي ۽ ڪورونا ايس او پيز جي خلاف ورزي تي ٽيم کي وارننگ جاري ڪئي. وارننگ جي باوجود ، اداڪار ۽ هن جي عملي جا ميمبر رات جي ڪرفيو دوران به اسڪول ۾ شوٽنگ ڪندا رهيا، جنهن تي پوليس ڇاپو هڻي شوٽنگ روڪرائي ڇڏي ۽ ماسڪ نه پائڻ توڙي ايس او پيز جي خلاف وررزي ڪرڻ تي اداڪار جمي شير گل سميت 4 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو. ميڊيا رپورٽن مطابق اداڪار کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪيس ۾ نيشنل ايوارڊ يافته هدايتڪار سميت 35 ڄڻن کي نامزد ڪيو ويو آهي.