ڄام نواز علي: نئون آباد پوليس عدالتي حڪم تي زميندار ارشد خشڪ جي مبينا نجي جيل تي ڇاپو هڻي مبينا باندي بڻايل ڀيل ڪٽنب جا مرد عورت ٻارن سميت 9 هاري بازياب ڪرائي ٿاڻي تي کڻي آئي. ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ۾ سترام ڀيل درخواست ڏيندي چيو ته ڄاڻايل زميندار زبردستي پورهيو ڪرائي رهيو آهي جنهن تي عدالت پوليس کي هارين کي بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو جنهن بعد نئون آباد پوليس ڪاروائي ڪري هاري بازياب ڪرايا. پوليس موجب عدالتي حڪم ملڻ تي زميندار ارشد خشڪ وٽان هاري هٿ ڪيا ويا آهن جن کي صبح جو عدالت ۾ پيش ڪنداسين جڏهن ته سترام ڀيل ٻڌايو ته زميندار وڏو ظالم آهي مارڪٽ ڪري زبردستي پورهيو ڪرائيندو آهي ٽن سالن کان ڪو به حساب ڪتاب ناهي ڪيو، حساب گهرڻ تان مارڪٽ ڪندو هو، زميندار جي ظلم کان تنگ ٿي عدالت جو رستو اختيار ڪيو.