اڳوڻي گلوڪارا رابي پيرزاده قرآن پاڪ جا 9 سيپارا لکي ورتا

0
301

ڪراچي (شوبز نيوز) اڳوڻي گلوڪاره رابي پيرزاده مداحن کي خوشخبري ٻڌائي آهي ته هن قرآن پاڪ جا 9 سيپارا لکي ورتا آهن. ٽوئيٽر اڪائونٽ تي هن ماضي جي حوالي سان طعنا ڏيندڙن کي به جواب ڏنو آهي. هن هڪ وڊيو شيئر ڪئي آهي جنهن جي ڪيپشن ۾ لکيو آهي ته منهنجا اهي ڀائر ۽ ڀينرون جيڪي مون کي ڏينهن رات پراڻي زندگي جا طعنا ۽ ڌمڪيون ڏيندا آهن اهي ڄاڻي وٺن ته مون کي ڪو فرق نه ٿو پوي ته ڪنهن جي موبائل جي انباڪس ۾ منهنجو ماضي آهي. هن چيو ته هو اهو ڄاڻي وٺن ته هاڻ رابي الله جي آهي، اهو ئي منهنجو محافظ آهي ۽ منهنجي عزت جو رکوالو آهي، الله جي فضل سان 9 سيپارا مڪمل لکي ورتا آهن.