پشاور جي رڪشا ڊرائيور جي اداڪار عمران اشرف پاران به ساراهه

0
250

پشاور (شوبز نيوز) ڇوڪرين جي تعليم کي هٿي وٺرائيندڙ پشاور واسي رڪشا ڊرائيور جي حمايت وڌي رهي آهي ۽ اهم شخصيتون به سندس حمايت ڪري رهيون آهن. اداڪار عمران اشرف به رڪشا ڊرائيور عرب شاهه کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. هن انسٽاگرام تي تصوير شيئر ڪئي آهي جنهن جي ڪيپشن ۾ لکيو آهي ته بادشاهه شهزادين جي مدد ڪري رهيو آهي. تصويرو ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته عرب شاهه روز 100 کان وڌيڪ شاگردياڻين کي مفت اسڪول تائين پهچائي ٿو ۽ وري گهر کڻي ويندو آهي.