مٽياري ۽ ڀرپاسي ۾ مٽي جو طوفان، 18 ماڻهو زخمي

0
206

مٽياري(ن پ ا) مٽياري ۽آسپاس جي علائقن ۾ تيز هوا سان گڏ مٽي واري طوفان سبب 18 کان مٿي ماڻهو زخمي ٿي پيا، پوليس جو چوڻ آهي ته قومي شاهراهه تي گاڏيون هڪ ٻئي سان ٽڪرجي پيون جنهن جي نتيجي ۾ 18 کان مٿي ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن ۽ ڪيترن ئي هنڌن تي لڳل سائين بورڊز ۽ وڻ ڪرڻ سبب قومي شاهراهه بلاڪ ٿي وئي، جڏهن ته واپارين جو چوڻ آهي تيز هوائن سبب انبن جي باغن کي وڏو نقصان پهتو آهي، انبڙيون ڇڙڻ سبب لکين رپين جو نقصان ٿيو آهي.