اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي احتساب عدالت اڳوڻي قانون واري وفاقي سيڪريٽري ارشد فاروق فهيم خلاف دوائن جي قيمتن واري ريفرنس ڪيس ۾ نيب کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي 19 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ڪالهه جج اصغر علي جي عدالت ۾ جوابدار اياز خان ۽ عبدالسلام جي بريت واري درخواست تي مختصر ٻڌڻي ٿي، دليل ٻڌڻ کان پوءِ عدالت نيب کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.