اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي احتساب عدالت پي ٽي آءِ جي سينيٽر عبدالقادر ۽ ٻين مٿان ورڪرز ويلفيئر بورڊ ڪرپشن ڪيس ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي، ڪالهه جج محمد اعظم خان جي عدالت ۾ جوابدارن جا وڪيل هڙتال سبب پيش نه ٿيا، جنهن ڪري ٻڌڻي 30 جون تائين ملتوي ڪئي وئي.