اڏيرولال (ن پ ا) اڏيرولال اسٽيشن ٿاڻي جي حد ڪنڊو پير وٽ سرن جي بٺي تي ڪم ڪندڙ اوستا محمد واسي مزدور  عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿي ويو، ڌاڙيلن پاران وارثن کان  ڀنگ طلب  ڪيو ويو آهي. ان ڏس ۾ ڪنڊو پير وٽ جعفر آباد محلي قائم شاهه تعلقي اوستا محمد جو رهواسي سرن جي بٺي تي ڪم ڪندڙ پورهيت سردار ولد جان محمد جمالي جي ڀاءُ عابد جمالي جو چوڻ آهي ته ڀاءُ 15 ڏينهن اڳ ڀٽ شاهه جي درگاهه تي حاضري ڀرڻ جو چئي گهران نڪتو، ان کانپوءِ  ڪالهه سندس موبائيل نمبر تان ڌاڙيلن وٽان فون ڪال آئي ته اوهان جو ڀاءَ اسان وٽ قيد آهي 20 لک ڀنگ ڏيو ته آزاد ڪنداسين نه پئسا نه ڏيڻ جي صورت ۾ لاش موڪلينداسين.ڀاءُ فون تي ڇوڪرين سان ڳالهائيندو هو، کي شڪ آهي ته منهنجي ڀا کي ڌاڙيلن عورتاڻي آواز ۾ هرکائي اغوا ڪيو آهي. 20 لک روپيا ناهن جو ڌاڙيلن ڏئي سگهون. آءِ جي سنڌ  ، ايس ايس پي مٽياري ۽ وس وارن کان مطالبو آهي ته ڀاء کي بازياب ڪرائي سندس حياتي بچائي وڃي. ڊي ايس پي کيبراڻي موجب وارثن اسان کي اطلاع ڪيو آهي پر اڃان تائين هن معاملي جو ڪو به ڪيس وغيره داخل ناهي ڪرايو.