اسلام آباد(م ڊ) سويڊش عورت کي اسلام  آباد ۾ سندس محافظ لڄالٽ جو نشانو بڻايو آهي. گڏيل قومن جي لاءِ ڪم ڪندڙ سويڊش عورت کي مبينا طور سندس سيڪيورٽي گارڊ جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو. پوليس وٽ ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي. پوليس موجب عورت بيان ۾ چيو ته سيڪيورٽي گارڊ رات جو منهنجي بيڊ روم ۾ داخل ٿيو، منهنجو ساهه گهٽڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن سان آئون بيهوش ٿي ويس ۽ پوءِ هن مون سان لڄالٽ ڪئي.