ڪابل(م ڊ) افغان طالبان مشهور فيشن ماڊل اجمل حقي کي قرآن جي آيتن جي بيحرمتي جي ڪيس ۾ ٽن ساٿين سميت گرفتار ڪري ورتو آهي. افغان طالبان ماڊل اجمل کي گرفتار ڪيو مٿس اسلام ۽ قرآن جي آيتن جي توهين ڪرڻ جو الزام لڳايو ويو آهي. بعد ۾ هنن معافي به ورتي. رپورٽ موجب ڏکڻ ايشيا ۾ ايمنيسٽي جي مهم هلائيندڙ سميرا حميدي گرفتارين جي مذمت ڪندي اجمل ۽ ساٿين کي گرفتار ڪري معافي وٺڻ تي مجبور ڪرڻ جي مخالفت ڪندي چيو ته طالبان اظهار جي آزادي جي حق تي کليل حملو ڪيو آهي.