کپرو (رپورٽ: آزاد راڄڙ) کپرو ويجهو اڇڙي ٿر واسين سان انصاف نه ٿيو، عرب مارين جو گشت، ڀارتي سرحد ويجهو شڪار، رينجرز سندن ڪئمپ پٽرائي ڇڏي، سرتاڻاهو تڙ تي کيما کوڙي تلور ۽  ٻين پرديسي پکين جو شڪار شروع، خبر موجب اڇڙي ٿر جي مارو ماڻھن پاران پرديسي پکي تلور ۽ جهنگلي جيوت هرڻ  کي مارڻ خلاف ۽ وڻن جي تحفظ لاءِ ڪيل احتجاج کان پوءِ اڇڙي ٿر ۾ عربن جي هشي تي ڪيل ڪارروائين ۽ گرفتارين سبب مقامي ماڻهن ۾ اڃا تائين خوف هراس پکڙيل آھي، جڏهن ته عربن جي شڪار وارو علائقو نوگو ايريا بڻيل آھي، جتي عربن شڪارين کانسواءِ ٻئي ڪنهن کي به وڃڻ جي اجازت نه پئي ڏني وڃي، ڪالهه سرتاڻاهو  جي ڪئمپ تان عربن شھزادن ۽ سندن مهمانن جو قافلو 16 گاڏين جي  جٿي سان شڪار لاءِ نڪري پيو جيڪو پيٽريو، ٺڪر تڙ، نوپاٽ ۽ ٻين علائقن کان ٿيندو ڳجهاهو تڙ ڀرسان ڀوري ڀٽ تي پهتو، جتي رينجرز پوسٽ ويجهو تلور پکي تي باز ڇڏيو ويو ته تلور اڏامي پاڪستان ڀارت جي سرحد تي لڳل تار ڀرسان پناه ورتي، جنهن ڪري عربن جي گاڏي به سرحد تي لڳل تار تي پهتي، عربن جي اهڙي عمل تي رينجرز عملدارن اڳتي وڃڻ کان کين روڪيندي سندن پوسٽ سامهون ماني لاءِ پيراڙي واري ڀٽ تي قائم ڪئمپ پٽرائي ڇڏي، جنهن سبب عربن منجهند واري ماني واپس سرتاڻاهو ڪئمپ تي اچي مهمانن کي کارائي.