اي ٽي ايم مشين مان پئسن بدران برياني ڪيئن نڪتي؟

0
243

جيڪڏهن اسان ائين چئون ته اُهو وقت گذري ويو جڏهن اي ٽي ايم مشينز مان رڳو پئسا نڪرندا هئا ته غلط نه هوندو، انوويشن جي هن دور ۾ اي ٽي ايم مان پئسن کانسواءِ گرم ۽ فريش برياني جو آرڊر ڏيڻ به هاڻ ممڪن ٿي ويو آهي

پرڏيهي ميڊيا موجب ڀارتي شهر چنئي  سان تعلق رکندڙ هڪ شخص برياني اي ٽي ايم مشين لڳائي آهي، جنهن مان شهري گرما گرم برياني آرڊر ڪري سگهن ٿا

ميڊيا رپورٽس موجب اها برياني اي ٽي ايم ڀارتي شهري پنهنجو ڪاروبار وڌائڻ لاءِ ٺاهي آهي، جنهن کي خوب پسند به ڪيو پيو وڃي

برياني اي ٽي ايم انتظاميا طرفان ٻڌايو پيو وڃي ته بُکئي پيٽ ڪسٽمر هتي ايندا آهن ۽ پيٽ ڀري نڪرندا آهن، شهرين کي برياني سان گڏ سٺو تجربو به ملي ٿو