توهان جو طرز عمل صدر جي آئيني ڪردار مطابق نه آهي: وزيراعظم جو صدر کي جوابي خط

0
160

توهان جو طرز عمل صدر جي آئيني ڪردار مطابق نه آهي، صدر طور اوهان تحريڪ انصاف جي هر غير آئيني عمل کي نظر انداز ڪيو، اوهان جماعتي لاڳاپن سبب عمران خان پاران عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي ۽ ادارن تي حملن کي به نظر انداز ڪيو

وزيراعظم شهباز شريف صدر عارف علوي کي جوابي خط لکي ڇڏيو، وزيراعظم خط ۾ چيو آهي ته اهو چوڻ تي مجبور آهيان ته اوهان جو خط تحريڪ انصاف جي پريس ريليز لڳي رهيو آهي

وزير اعظم جوابي خط ۾ لکيو آهي ته آئين اليڪشن ڪرائڻ جي ذميواري اليڪشن ڪميشن کي ڏني آهي، آزاد ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ لاءِ ماحول سازگار آهي يا نه اهو اليڪشن ڪميشن کي طئي ڪرڻو آهي

وزير اعظم لکيو ته آئين موجب صدر وزيراعظم يا ڪابينا جي ايڊوائيس تحت ڪم ڪرڻ جو پابند آهي، انتظامي اختيار استعمال ڪرڻ جي معاملي ۾ وزيراعظم صدر جي مشاورت جو پابند نه آهي، توهان کي يقين ٿو ڏياريان ته آئيني طور چونڊيل حڪومت کي ڪمزور ڪرڻ جي هر ڪوشش کي ناڪام بڻائينداسين