ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ زراعت کاتي جي ماتحت هلندڙ پروجيڪٽ اين پي آءِ ڊبليو جي ملازمن جي سنڌ اسيمبلي آڏو پنجن ڏينهن کان جاري احتجاج بعد ڪالهه صوبائي وزير امتياز شيخ وٽن پهچي کين مستقل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي احتجاج ختم ڪرايو، ان ڏس ۾ اين پي آءِ ڊبليو ملازمن چيو ته ممتاز علي پنهور، غلام علي ابڙو ۽ ٻين چيو ته کين 15 سال اڳ ڊيلي ويجز تي مقرر ڪيو ويو هو پر اڃا تائين کين مستقل ناهي ڪيو ويو، جنهن سبب سندن مستقبل داءُ تي لڳل آهي، هنن مطالبو ڪيو ته کين مستقل ڪيو وڃي، جڏهن ته توانائي واري صوبائي وزير امتياز شيخ چيو ته پ پ هميشه روزگار ڏيندي آهي، ڪنهن کان ڪڏهن روزگار کسيو ناهي، پروجيڪٽ جي سمورن ملازمن کي به مستقل ڪنداسين، اهڙي خاطري بعد ملازمن احتجاج ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو .