ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) ڪراچي ۾ اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس استاد اميدوارن جو وزيراعليٰ هائوس ڏانهن مارچ، پوليس ڪڙڪي پئي، 100 کان وڌيڪ گرفتار، ان ڏس ۾ تعليم کاتي ۾ پي ايس ٽي، جي اي ايس ٽي ۽ ايچ ايس ٽي طور ڀرتي ٿيڻ لاءِ 2013ع ۾ اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن آفر آرڊر نه ملڻ خلاف ڪالھه پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو، بعد ۾ سي ايم ھائوس ڏانهن مارچ ڪرڻ تي پوليس مٿن ڪڙڪي پئي، پوليس 100 کان وڌيڪ اميدوارن کي گرفتار ڪري پوليس بس ۽ موبائيلن ۾ ويهاري مختلف ٿاڻن تي منتقل ڪيو، پوليس اهلڪار واءِ ايم سي روڊ تي اميدوارن کي ڊوڙائي ڊوڙائي پڪڙيندا رهيا، ان دوران هڪ اميدوار بيهوش پڻ ٿيو، جنهن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو. گرفتار اميدوارن کي سول لائين، آرٽلري ميدان، آرام باغ ۽ ٻين ٿاڻن تي منتقل ڪيو ويو. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ حبيب سنڌي ۽ ٻين چيو ته اسان اين ٽي ايس ٽيسٽ ۾ 60 کان 97 مارڪون حاصل ڪيون پر اسان کي نوڪري نه ڏني وئي، هن وقت آءِ بي اي سکر جي ٽيسٽ ۾ 33 مارڪون حاصل ڪندڙن کي نوڪريون ڏنيون ويون آهن، اسان انهي  زيادتي خلاف احتجاج ڪندا پيا اچون،  تعليم کاتي جا عملدار ٺلھا آسرا پيا ڏين. هنن چيو ته اسان جي پرامن احتجاج تي پوليس وحشياڻو تشدد ڪيو،  اسان جا 100 ساٿي گرفتار ڪيا ويا