ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت 6 ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن کي وڌيڪ 30 ڪروڙ جاري ڪري ڇڏيا، ان حوالي سان ڪالهه وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جي منظوري کانپوءِ ناڻي کاتي ميرپورخاص، ٿرپارڪر، عمرڪوٽ،  شهيد بينظيرآباد، نوشهروفيروز ۽ سانگھڙ ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن کي برسات متاثرن جي بحالي لاءِ وڌيڪ 5_5 ڪروڙ رپيا جاري ڪيا آهن. واضح رهي ته ان کان اڳ به ڊپٽي ڪمشنرن  کي ڪروڙين رپيا جاري ٿي چڪا آهن.