اينٽي ڪرپشن ۾ قاعدن جي لتاڙ: اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ڪنڊائتا : انسپيڪٽر سرڪل آفيسر مقرر

0
356

ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي ) اينٽي ڪرپشن کاتي ۾ مقررين ۾ قاعدن (رولز) جي لتاڙ، اسسٽنٽ ڊائريڪٽرن کي سائيڊ پوسٽن تي ڪنڊائتو ڪري انسپيڪٽرن کي سرڪل آفيسر مقرر ڪيو ويو، ڊائريڪٽر (اسٽيبلشمينٽ) جي اسٽاف آفيسر 18هين گريڊ ۾ ترقي ملڻ باوجود  پراڻو عهدو نه ڇڏيو،

ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب اينٽي ڪرپشن کاتي جي 2013ع ۾ ٺاهيل مول متن موجب اسسٽنٽ ڊائريڪٽرن کي سرڪل آفيسر واري عهدي تي مقرر ڪرڻو آهي، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر گھٽ يا نه هجڻ جي صورت ۾ سينيئر انسپيڪٽرن کي سرڪل آفيسر طور ذميواريون ڏيڻيون آهن،

رپورٽن موجب هن وقت 17هين گريڊ جا 4  اسسٽنٽ ڊائريڪٽر فدا شاھ ۽ رتو خان جلباڻي لاڙڪاڻي، شفاعت مرزا حيدرآباد ۽ عارف شاھ  چيئرمين آفيس ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر طور مقرر ٿيل آهن، ٻئي طرف ڊائريڪٽر (اسٽيبلشمينٽ )جي 17 هين گريڊ جي اسٽاف آفيسر اشرف سومرو کي 18هين گريڊ ۾ ترقي ٿيڻ بعد ڊائريڪٽوريٽ ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر (ليگل) مقرر ڪيو ويو آهي، انهي باوجود هن 17هين گريڊ واري اسٽاف  آفيسر جي پوسٽ به نه ڇڏي آهي،

اهڙي طرح حيدرآباد ۾ ليگل برانچ جي آفيسر اسد لاڙڪ  کي سرڪل آفيسر جي ايگزيڪيوٽو پوسٽ ڏني وئي آهي.  رپورٽن موجب 16 هين گريڊ جا انسپيڪٽر سرفراز شاھ، خالد اعواڻ، فياض ڀرٽ ۽ ڪامران ميمڻ مختلف ضلعن ۾ سرڪل آفيسر طور مقرر ٿيل آهن،