مهانگائي جي سونامي: بجلي 1 رپيو 39 پئسا يونٽ مهانگي، گيهه جي اگهه ۾ 110 رپيا واڌ: صابڻ ۽ شيمپو به مهانگا

0
364
بجلي 1 رپيو 39 پئسا يونٽ مهانگي

اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ مهانگائي جي بار کي منهن ڏيندڙ عوام جو وفاقي حڪومت ٿورو به احساس ڪرڻ بجاءِ آءِ ايم ايف جي شرطن کي تسليم ڪندي بجلي جي قيمتن ۾ هڪ رپيو 39  پيسا في يونٽ اضافو ڪري ڇڏيو، توانائي وزارت پاران بجلي جي قيمتن ۾ واڌ لاءِ سمري وفاقي ڪابينا کي اماڻي وئي هئي، وفاقي حڪومت وفاقي ڪابينا جي ايندڙ اڱاري ڏينهن جي اجلاس جو انتظار ڪرڻ بجاءِ بجلي جي قيمتن ۾ اضافي ڪرڻ واري سمري وفاقي ڪابينا جي وزيرن جي گهرن  تي موڪلي ڪالهه سمري سرڪيوليشن ذريعي بجلي واڌ جي ڪابينا کان منظوري وٺي ڇڏي،

وفاقي حڪومت جي ذميوار ذريعن ٻڌايو آهي ته في يونٽ بجلي جي قيمتن ۾ هڪ رپيو 68 پيسن جي ڪابينا کان سمري سرڪيوليشن ذريعي منظوري ورتي وئي آهي، پر اهڙي واڌ جي منظوري کان پوءِ پريس ڪانفرنس دوران توانائي جي وزير حماد اظهر دعويٰ ڪئي آهي ته بجلي جي في يونٽ قيمتن ۾ هڪ رپيو 39 پيسن جي واڌ ٿي رهي آهي، بجلي جي اهڙي واڌ نومبر جي بلن ۾ شامل هوندي، ائين وفاقي حڪومت گذريل 11 ڏينهن ۾ ٽيون ڀيرو بجلي جي قيمتن ۾ مجموعي طور تي 5 رپيا 28 پيسن جو اضافو ٿي چڪو آهي، نيپرا ذريعن ٻڌايو آهي ته پي ٽي آءِ جي ٽن سالن جي حڪومت دوران بجلي جي في يونٽ جي بينادي قيمت ۾ مجموعي طور تي 52 سيڪڙو اضافو ٿيو  آهي، ن ليگ جي دور ۾ بجلي جي في يونٽ جي قيمت مجموعي طور تي 11 رپيا 71 پيسا هئي جيڪا هاڻي وڌي 17 رپيا 83 پيسا ٿي وئي آهي، نيپرا جي ذريعن مطابق ان رقم ۾ ٽيڪسون شامل ناهن،

ٽيڪسن کان پوءِ في يونٽ جي قيمت اڃا وڌيڪ آهي. بجلي جي قيمتن ۾ اضافي جي فيصلي بابت پريس ڪانفرنس ڪندي توانائي جي وزير حماد اظهر چيو ته هن چيو ته بجلي جي قيمتن ۾ هڪ رپيو 39 پيسا في يونٽ اضافو ڪري رهيا آهيون، 50 کان 200 يونٽ تائين وارن بجلي صارفين تي اضافو لاڳو نه هوندو، صنعتي بجلي صارفين کي بجلي جو في يونٽ 12  رپيا 96 پيسن ۾ ئي ملندو، واڌ پهرين نومبر کان لاڳو هوندي، بجلي جي بلن ۾ بار رڳو هڪ رپيو 10 پيسن جو پوندو، هن چيو ته بجلي جي خريد ۽ وڪرو وچ ۾ ڏيڍ کان 2 رپين تائين فرق آهي، جنهن ڪري بجلي جي گردشي قرض ۾ اضافو ٿئي ٿو، هن چيو ته حڪومت کي ماضي ۾ ڪيل بجلي جي مهانگن سودن ڪري بجلي جا اگهه وڌائڻا پئجي رهيا آهن، هن چيو ته حڪومت گذريل سال جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ بجلي استعمال ڪرڻ تي ان واڌو بجلي جي في يونٽ قيمتن ۾ 7 رپين تائين رعايت ڏيڻ جو به اعلان ڪيو آهي،

هن چيو ته 2013ع ۾ بجلي جي ڪيپيسٽي جي مد ۾ ادائگي 185 ارب رپيا هئا، جيڪا هاڻي 7 سئو کان 8 سئو ارب رپيا هر سال ادا ڪرڻي پوي ٿي، 2030ع تائين بجلي جي ڪيپيسٽي جي مد ۾ ادائگي هر سال 3 هزار ارب رپيا ڪرڻي پوندي، اسان کان اڳ هر  سال بجلي جي گردشي  قرض ۾ 450 ارب رپين جو اضافو ٿي رهيو هو، اسان ان کي گهٽ ڪري 150 ارب رپين تائين آندو آهي، گردشي قرضن ۾ واڌ کي زيرو تي آڻينداسين. هن چيو ته نيپرا 3  رپيا 50 پيسا قيمتون وڌائڻ لاءِ چيو پر اسان گهٽ قيمت وڌائي آهي،توانائي وزير سان گڏ ڪيل پريس ڪانفرنس دوران سڌ سماءَ جي مملڪتي وزير فرخ حبيب بجلي قيمتن ۾ اضافي جي سڄي ذميواري نواز ليگ جي حڪومت مٿان وجهندي چيو ته نواز شريف قومي مجرم  آهي، ان ظلم ڪيو، بجلي گهرن کان بجلي خريد ڪرڻ جي حوالي سان ٽيڪ اينڊ پي بابت معاهدا ڪيا، هي عوام جي ڳچيءَ ۾ ڦاهو وجهي ويا آهن، هنن 45 سيڪڙو مهانگي بجلي پيداوار جا معاهدا ڪيا.