حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ايم ڪيو ايم پاڪستان سنڌ ۽ وفاق تي ڪاوڙ ظاهر ڪندي سنڌ حڪومت تي تعصب پرستي جو الزام هڻي ڇڏيو آهي. وفاق پاران يونيورسٽي نه ڏيڻ ۽ حيسڪو جي زيادتين خلاف روڊن تي اچڻ جو چتاءُ به ڏنو ويو. اڳواڻن ڪراچي ۽ حيدرآباد کي آفت سٽيل علائقا قرار ڏيڻ جو به مطالبو ڪيو. ان ڏس ۾ ڪيو ايم پاڪستان جي ايم اين اي صلاح الدين، ايم پي ايز راشد خلجي، نديم صديقي ۽ ناصر قريشي پارٽي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته حيسڪو جو ظلم ۽ زيادتيون وڌي ويون آهن. حيدرآباد ۾ بجلي جو هٿرادو بحران پيدا ڪري بدترين لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، ڪاروبار ٺپ ٿي ويو آهي، وفاقي حڪومت نوٽيس وٺي حيسڪو کي بجلي فراهمي لاءِ پابند بڻايو وڃي. هنن چيو ته سنڌ حڪومت 14 سالن کان ڪراچي ۽ حيدرآباد جي شهري علائقن کي نظرانداز ڪري رهي آهي. حيدرآباد شهر ۾ صفائي سٿرائي، ڊرينيج ۽ سيوريج جو نظام تباهه ٿي چڪو آهي. حددخلين جو آزار ادارن ۾ مبينا ڪرپشن سبب عوام جا بنيادي مسئلا حل نٿا ڪيا وڃن. بلديات کاتي جو وزير معاملي جو نوٽيس وٺي شهرين جا بنيادي مسئلا فوري طور حل ڪرائي ٻي صورت ۾ لاڳاپيل آفيسن جو گهيراءُ ڪيو ويندو. ايم ڪيو ايم اڳواڻن چيو ته حيدرآباد ۾ شهري يونيورسٽي سميت نوڪرين ۾ شهرين کي جائز حق نٿو ڏي وڃي، سولر سبسڊي اسڪيم ۾ به ڪراچي ۽ حيدرآباد کي نظرانداز ڪيو ويو آهي جن 10 ضلعن ۾ سولر سسٽم ڏنو پيو وڃي ان تي ايم ڪيو ايم کي ڪو به اعتراض نه آهي پر لطيف آباد وارن کي پريشاني آهي ته قاسم آباد ۽ ٽنڊو ڄام وارن علائقن کي به سبسڊي ڏني وڃي ڇاڪاڻ ته اتي مستحق ماڻهو موجود آهن. سنڌ حڪومت جي تعصباڻي پاليسي تي کين ڳڻتي آهي. حيدرآباد ۾ ڪورونا وبا جي حالتن ۾ ڪاروبار ته بند ڪرايا ويا آهن پر بيروزگار عوام کي ڪو به مالي رليف نه ڏنو ويو آهي ماڻهن کي ڪورونا جي نالي تي جيل موڪلي انهن کان پئسا ورتا پيا وڃن. سنڌ حڪومت ۽ انتظاميا کي ٻڌايو آهي ته اهو رويو درست نه آهي. ٻٽو رويو جاري رهيو ته مجبور ٿي رستن تي اينداسين.