چڪ (ن پ ا) چڪ ويجهو ڳوٺ ٻورڙي ۾ بصر پٽڻ تان سيٺار ۽ جاگيراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب ٻنهي ڌرين جا 13 ڄڻا زخمي ٿي پيا. زخمين ۾ بلاول جاگيراڻي، خالد جاگيراڻي، مير جاگيراڻي، بابر سيٺار، عرفان سيٺار، مشتاق سيٺار، نعيم سيٺار، غلام حيدر سيٺار، مسمات نسيم، مسمات بيبي سيٺار شامل آھن، جن کي لکي غلام شاهه اسپتال نيو ويو. رستم پوليس جاگيراڻي برادري جي ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي.