ايم حسين ڪلب ڪراچي سنڌ وومين ڪپ انٽرسٽي ڪرڪيٽ سپر ليگ جي چيمپين بڻجي وئي

0
186

حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) نياز اسٽيڊيم ۾ جاري سنڌ وومين ڪپ انٽر سٽي سپر ليگ چيمپين شپ جو دنگل ايم حسين ڪرڪيٽ ڪلب ڪراچي جي ٽيم پنهنجي نالي ڪري ورتو. سنڌ ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن جي زير اهتمام جاري چيمپين شپ جي آخري دنگل ۾ ايس ايم ايس وومين ڪرڪيٽ ڪلب ڪراچي ۽ ايم حسين ڪرڪيٽ ڪلب ڪراچي جي ٽيمن ۾ فائنل لاءِ مئچ ٿيو. پهرين بيٽنگ ڪندي ايس ايم ايس 20 اوورز ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 104 رنسون ٺاهيون. حورينا سجاد 22 رنسون، يسرا عامر 21، هبسا خالد 17 رنسن سان نمايا رهيون.

ايم حسين جي بالرز عيشا شيخ 17 رنسن جڏهن ته انوشا ناصر 29 رنسن عيوض 3-3 وڪيٽون حاصل ڪيون. ايم حسين ڪلب دلچسپ مقابلي بعد گهربل هدف 19.2 اوورز ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو. بيٽنگ دوران انوشا ناصر 29 رنسن سان ناقابل شڪست رهي جڏهن ته سيمي فائنل دوران سينچري ٺاهيندڙ اريبا حنيف 21 رنسون اسڪور ڪيون. هارائيندڙ ٽيم جي بالرز حورينا سجاد 24 رنسون ڏئي ٽن رانديگرياڻين کي آئوٽ ڪيو جڏهن ته سُندس شبير 16 رنسن عيوض 2 وڪيٽون حاصل ڪيون. ايم حسين ڪلب جي انوشا ناصر ۽ ايس ايم ايس ڪلب جي حورينا سجاد کي گڏيل طور پليئر آف مئچ قرار ڏيندي کين ايوارڊن سان نوازيو ويو. ايس ايم ايس ڪلب جي انٽرنيشنل رانديگرياڻي هبسا خالد کي پليئر آف دي چيمپيئن شپ، ايم حسين ڪراچي جي اريبا حنيف کي بهترين بيٽنگ، گرومرز اڪيڊمي ڪراچي جي ايمان حيدر کي بيسٽ بالر جو اعزاز ڏنو ويو. مئچ جي پڄاڻي تي ميگڊولينڊ جي سي اي او جميل اي شيخ، سنڌ ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن جي چيئرمين عمران حسين ڪاميابي ماڻيندڙ ٽيم کي 2 لک رپيا روڪ رقم، ٽرافي ۽ رنر ٽيم کي هڪ لک رپيا روڪ رقم ۽ ٽرافي سميت ٻيا انعام ڏنا. ان موقعي تي سنڌ ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن جي گورننگ بورڊ جي ميمبر حديل عبيد، سيد راحت علي شاهه، ارشاد علي مخدوم ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.