حيدرآباد ۾ ۽ ميان صاحب ۾ مبينا مقابلا، هڪ ڄڻو ڦل، 4 هاف فراءِ

0
259
ميان صاحب ۾ مبينا مقابلا

ميان صاحب/ حيدرآباد(ن پ ا) حيدرآباد ۽ ميان صاحب ۾ مبينا مقابلا، هڪ ڄڻو ڦل، 3 هاف فراءِ ٿي ويا.

حيدرآباد جي اي سيڪشن ۽ نسيم نگر پوليس ڦورن سان مبينا مقابلن ۾ ٽن ڏوهارين کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته لطيف آباد ۾ چيڪنگ دوران ماڻهن کي روڪڻ جو اشارو ڏنو، جن بيهڻ بدران پوليس تي فائرنگ ڪئي، جوابي فائرنگ ۾ شهروز شاهه ۽ ذيشان انصاري زخمي ٿي پيا.

نسيم نگر پوليس جو چوڻ آهي ته  ڏيٿا موڙ وٽ ڪار کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪار ۾ سوار ڏوهارين پوليس مٿان فائرنگ ڪئي، پوليس جي فائرنگ ۾ زخمي ڏوهاري دلاور مڪراڻي کي ٻن ساٿين علي حسن جوکيو ۽ الله بخش جوکيو سميت گرفتار ڪيو، ڏوهارين وٽان هٿيار مليا آهن.

ٻئي پاسي ميان صاحب ۾ سلطان ڪوٽ پوليس هٿان مبينا مقابلي ۾ هڪ ڏوهاري مارجي ويو.

سلطان ڪوٽ پوليس جو چوڻ آهي ته معمول موجب زرخيل لنڪ روڊ تي گشت ڪري رهيا هئاسين ته ڏوهه جي ارادي  سان بيٺل موٽر سائيڪل سوار 5 ڏوهارين پوليس موبائل کي ڏسندي فائرنگ ڪري ڏني.

پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ ڳوٺ حاجي خواستي سان تعلق رکندڙ هڪ ڦورو علي بخش پٽ نور محمد بروهي مارجي ويو، جڏهن ته سندس هڪ ساٿي زخمي حالت ۾ فرار ٿي ويو.

پوليس جي مبينا مقابلي دوران مارجي ويل ڏوھاري جو لاش ڊي ايس سلطان ڪوٽ مسعود مهر جي اڳواڻي ۾ سلطان ڪوٽ سول اسپتال آندو ويو.

پوليس جو چوڻ آهي ته مقابلي دوران مارجي ويل علي بخش بروهي تي سبي ٿاڻي تي ٻه ڦر جا ڪيس داخل آھن، وڌيڪ ڪرمنل رڪارڊ چيڪ ڪيو پيو وڃي ۽ سندس زخمي ساٿي جي به ڳولا به جاري آهي.

مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل ڏوھاري جو تعلق شڪارپور ضلعي جي ڳوٺ خانپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ حاجي خواستي سان ٻڌايو وڃي ٿو.