ڪابل انتظاميه جو ڪو به وجود ناهي، هاڻي سمورا اختيار امارات اسلامي وٽ آهن: طالبان

0
269

ڪراچي(م ڊ) دوحه ۾ طالبان جي سياسي آفيس جي ترجمان سهيل شاهين جو چوڻ آهي ته اڳوڻي ڪابل انتظاميه جو هاڻي ڪو به وجود ناهي رهيو.

ٽويٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ شاهين جو چوڻ آهي ته ڪابل انتظاميه جو هاڻي ڪوئي وجود ناهي رهيو ۽ ان وٽ حڪومت هلائڻ جو ڪو به اختيار ناهي.

سهيل شاهين جو چوڻ آهي ته حڪومت جا سمورا انتظام ۽ اختيار امارات اسلامي افغانستان وٽ آهن جيڪي افغان عوام جي واحد ۽ حقيقي نمائيندو آهي.

واضح رهي ته هن کان اڳ افغان عبوري حڪومت جي انصاف واري وزارت طرفان بيان جاري ڪيو ويو هو ته عبوري حڪومت اڳوڻي بادشاهه ظاهر شاهه جي دور جو افغانستان جو آئين عارضي طور تي لاڳو ڪندي ۽ ان مان اسلامي قانون جي خلاف شيون ڪڍيون وينديون.