نوري آباد ويجهو مڙس پنهنجي زال جو ڳلو ڪپي ڇڏيو

0
181

نوري آباد(ن پ ا) نوري آباد ويجهو مڙس پنهنجي زال جو ڳلو ڪپي ماري ڇڏيو آهي.

جهمپير لڳ دبئي فارم وٽ گهرو اڻبڻت تان مصطفيٰ ولد ڦل پالاري پنهنجي نوجوان زال کي گھر اندر ڳلوڪپي قتل ڪري ڇڏيو.

اطلاع ملڻ تي جھمپير پوليس پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو، جڏهن ته جوابدار فرار ٿي ويو.

ٻڌايو پيو وڃي ته مقتولڻ ناري جي ھڪ سال اڳ شادي ٿي ھئي.