ايم اين وي ڊرين ۽ جوهي برانچ کي لڳل ڪٽ جو پاڻي رنگ بند سان ٽڪرائجي ويو

0
482

جوھي (رپورٽر) ايم اين وي ڊرين ۽ جوهي برانچ کي لڳل ڪٽ جو پاڻي جوهي شهر جي بچاءُ لاءِ اڏيل رنگ بند سان ٽڪرائجي ويو آھي

رنگ بند تي دٻاءُ وڌڻ لڳو، شهرين طرفان پنهنجي مدد پاڻ تحت رنگ بند جي ڪمزور حصن کي مضبوط ڪرڻ جو ڪم جاري آھي، سُپريو بند کي گهاري جو پاڻي ميهڙ شهر جي بچاءُ لاءِ ٺهندڙ رنگ بند سان ٽڪرائجي ويو

ميھڙ ۾ پاڻي پمپ ۽ ڀٽي روڊ کي ٻوڙڻ بعد رنگ بند تائين پهچي ويو، رنگ بند تي دٻاءُ وڌڻ سبب شهرين جو ساهه مٺ ۾ اچي ويو آھي، شهرين دٻاءُ باوجود رنگ بند جي اڏاوت ۽ مضبوطي جو ڪم جاري رکيو

رنگ بند تان پاڻي جو دٻاءُ گهٽائڻ لاءِ ڀٽي روڊ کي ٻن هنڌن تان ڪٽ ڏنو ويو، پاڻي ڳوٺ ٻيٽو جتوئي ۽ ڀرپاسي جي علائقن ڏانهن وڌڻ لڳو آھي

جوهي شهر کي ٻوڏ کان بچائڻ لاءِ ٻارن جو جوش ۽ جذبو ڏسڻ وٽان، پاڻي جو دٻاءُ وڌندي ئي ٻار به هٿ ونڊائڻ لاءِ رنگ بند تي پهچي ويا، ٻار مٽيءَ سان ٻاچڪا ڀرڻ جي ڪم ۾ جُنبي ويا، رنگ بند جي مضبوطي لاءِ جاڳرتا ريلي به ڪڍي وئي

ٻارن ٽائيم نيوز سان ڳالهه ٻولهه دوران چيو آهي ته انتظاميا محفوظ هنڌن تي منتقل ٿيڻ جون وارننگز پئي ڏئي، جوهي اسان جو گهر آهي ۽ پنهنجي گهر کان وڌيڪ محفوظ پناهگاهه ٻي ڪابه ناهي

گهرن ۾ ويٺل ڀائرن کي اپيل آهي ته شهر کي بچائڻ لاءِ رنگ بند تي ڪم ڪندڙ ڀائرن سان هٿ ونڊايو، جوهي شهر کي بچائڻ هر ماڻهو جو فرض آهي

ھي به پڙھندا

ٻوڏ جهڙي عذاب کي منهن ڏيندڙ سنڌ صوبي ۾ وري تيز برساتن جِي اڳڪٿي

خيرپورناٿن شاهه شهر ۾ ٻوڏ جو پاڻي داخل، سنڌ جي 23 ضلعن کي وڌيڪ ڏيڍ ڏيڍ ڪروڙ رپيا جاري