آخري ڊفينس لائين خدا واهه ٽٽڻ بعد خيرپور ناٿن شاهه ٻڏي ويو

0
660

ڪراچي (نمائندن وٽان) خيرپور ناٿن  شاهه شهر ۾ پاڻي داخل ٿي ويو، خيرپورناٿن شاھ ۾ شهر  ٻوڏ جو پاڻي داخل ٿي ويو، شهري روئندا رهجي ويا

جلد شهر ٻڏي ويندو، سڄو شهر خالي ٿي ويو. شهري اوڇگارون  ڏئي روئندا رهيا، انتظاميا توڙي چونڊيل نمائندن شهر کي بچائڻ لاء ڪي به اپاءَ نه ورتا، شهري نڌڻڪا بڻيل

ڪڪڙ وٽان ايم اين وي ڊرين کي امڪاني ڪٽ سبب سيتاروڊ کي خطرو وڌي ويو آھي، ڪڪڙ وٽان ايم اين وي ڊرين کي امڪاني ڪٽ هڻڻ سان سيتاروڊ لاءِ خطرو وڌي ويو آھي

امڪاني ڪٽ سبب سيتاروڊ، پياروڳوٺ،پاٽ شريف ۽ ٻيا علائقا متاثر ٿي سگهن ٿا

ٻئي  پاسي سنڌ جي 23ضلعن کي وڌيڪ ڏيڍ ڏيڍ ڪروڙ رپيا جاري، ڪيا ويا آھن، سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن جي ريسڪيو آپريشن لاءِ ناڻي کاتي 23 ضلعن کي وڌيڪ ڏيڍ ڏيڍ ڪروڙ رپيا جاري ڪري ڇڏيا

ٻوڏ متاثرن کي ريسڪيو ڪرڻ لاءِ سنڌ جي 23ضلعن کي ڪل ھڪ ارب 11 ڪروڙ 50 لک رپيا جاري ڪيا ويايوسي گوزو ڀرسان سُپريو

ناڻي کاتي پاران متاثرن جي مدد لاءِ اڳ به  77ڪروڙ جاري ڪيا ويا هئا

ڪراچي ۾ متاثرن لاءِ ڪيمپون قائم ڪرڻ لاءِ ڪمشنر کي ھڪ ڪروڙ 77 لک 50ھزار رپيا اضافي رقم جاري ڪئي وئي آھي

ھي به پڙھندا

منڇر ڍنڍ کي رات جو ڪنهن به وقت ڪٽ ڏيڻ جو اصولي فيصلو ٿي ويو

ٻوڏ جهڙي عذاب کي منهن ڏيندڙ سنڌ صوبي ۾ وري تيز برساتن جِي اڳڪٿي