ايف سي ڪمپائونڊ ۾ فورسز جو ڪليئرنس آپريشن مڪمل: سمورا 6 دهشتگرد مارجي ويا

0
101

بلوچستان جي ايف سي ڪمپائونڊ مسلم باغ ۾ سيڪيورٽي فورسز ڪليئرنس آپريشن مڪمل ڪري ورتو، حملو ڪندڙ سمورا 6 ئي دهشتگرد مارجي ويا، هڪ شهري سميت 7 جوان شهيد ٿي ويا

 آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ڪليئرنس آپريشن 12 مئي جي شام تي دهشتگردن جو شروعاتي حملو ناڪام بڻائڻ بعد شروع ڪيو ويو

آءِ ايس پي آر موجب پيچيده ڪليئرنس آپريشن ۾ يرغمالين کي محفوظ انداز ۾ بچائڻ شامل هو، ڪليئرنس آپريشن ۾ هڪ رهائشي عمارت مان 3 خاندانن کي بچائڻ به شامل هو

دهشتگردن پنهنجي خوفناڪ حملي ۾ ٻارن کي به بخش نه ڪيو، دهشتگردن جي فائرنگ ۾ هڪ عورت سميت 6 ڄڻا زخمي  به ٿي پيا