عمران خان ۽ بشريٰ بي بي خلاف غير شرعي نڪاح جي الزام واري درخواست رد

0
157
پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي کي 4 اپريل تي پيش ڪرڻ لاءِ پراڊڪشن آرڊر جاري
پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي کي 4 اپريل تي پيش ڪرڻ لاءِ پراڊڪشن آرڊر جاري

اسلام آباد جي عدالت عمران خان ۽ بشريٰ بي بي خلاف غير شرعي نڪاح جي الزام واري درخواست رد ڪري ڇڏي

سول جج نصر من الله درخواست جي ٻڌڻ جوڳو هئڻ بابت محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو

عدالت درخواست کي ٻڌڻ جوڳو نه قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو، عدالت فيصلي ۾ چيو ته عدت دوران نڪاح ڪيس جي درخواست عدالت جي اختيار واري دائري کان ٻاهر آهي

درخواست گذار جي وڪيل راجا رضوان عباسي چيو ته عمران خان جي بشريٰ بي بي سان شادي قانوني هئي ته پوءِ ٻيهر نڪاح ڇو ڪيو ويو؟

جج چيو ته عمران خان جو نڪاح لاهور ۾ ٿيو، هن عدالت جو اختيار ڪيئن ٿو ٺهي؟ عدالت درخواست خارج ڪري ڇڏي