جناح هائوس ۾ ڀڃ ڊاهه ڪندڙ وڳوڙين جون تصويرون جاري: 72 ڪلاڪن ۾ گرفتار ڪرڻ جو حڪم

0
162

پنجاب جي گهرو کاتي جناح هائوس لاهور ۾ ڀڃ ڊاهه ڪندڙ وڳوڙين جون تصويرون جاري ڪري ڇڏيون

عوام کي وڳوڙين جي سڃاڻپ ۽ انهن تائين رسائي ۾ مدد جي اپيل ڪئي وئي آهي

پنجاب حڪومت چيو آهي ته تصويرن جي سڃاڻپ ۽ وڳوڙين جي نشاندهي ۾ مدد ڪندڙ شهرين جي سڃاڻپ ڳجهي رکي ويندي

جوابدارن جي ڳولا ۾ مدد ڪندڙن لاءِ 2-2 لک روپين جي انعام جو به اعلان ڪيو ويو آهي

عمران خان جي گرفتاريءَ کانپوءِ مڇريل ماڻهن پاران جناح هائوس ۾ داخل ٿي ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي هئي

ٻئي پاسي وزيراعظم شهباز شريف لاهور جي جناح هائوس تي حملي ۾ ملوث دهشتگردن کي 72 ڪلاڪن اندر گرفتار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي

وزيراعظم شهباز شريف چيو ته دهشتگردي جي واقعن ۾ ملوث ماڻهن کي قانون موجب سزا ڏني ويندي، دهشتگردي جي رٿابندي ڪندڙن خلاف به ڪارروائي ٿيندي