ايف آءِ اي جو ايڪشن، غير قانوني ڪرنسي ايڪسچينج ۾ ملوث گينگ جو سربراهه گرفتار، ڪروڙين رپيا هٿ

0
150
ايف آءِ اي جو ايڪشن، غير قانوني ڪرنسي ايڪسچينج ۾ ملوث گينگ جو سربراهه گرفتار، ڪروڙين رپيا هٿ
ايف آءِ اي جو ايڪشن، غير قانوني ڪرنسي ايڪسچينج ۾ ملوث گينگ جو سربراهه گرفتار، ڪروڙين رپيا هٿ

ايف آءِ اي اسٽيٽ بينڪنگ سرڪل ڪراچي شهيد ملت روڊ واري علائقي ۾ وڏي ڪارروائي ڪري غير قانوني ڪرنسي ايڪسچينج ۾ ملوث گينگ جي سربراهه کي گرفتار ڪري ورتو آهي

جوابدار وٽان 4 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ ماليت جي ملڪي ۽ پرڏيهي ڪرنسي هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي

ڇاپو ڊپٽي ڊائريڪٽر ايف آءِ اي بينڪنگ سرڪل جي اڳواڻيءَ ۾ هنيو ويو، هٿ ڪيل پرڏيهي ڪرنسي ۾ 46 هزار 370 آمريڪي ڊالر، 11 هزار 445 برطانوي پائونڊ ۽ 6 هزار 5 سئو يورو به شامل آهن

جوابدار وٽان موبائيل فونز، هنڊي حوالا ڪاروبار جا رجسٽر ۽ ٻيو سامان به هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي

ايف آءِ اي جي ترجمان موجب گرفتار ڪيل جوابدار جي نشاندهي تي ٻين جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ به ڇاپا هنيا پيا وڃن