افغان ڀائر واپس وڃن ته ويچارا ڇا تي وڃن؟ آصف زرداري

0
292

گهوٽڪي: اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي طاقت ۽ اقتدار جي لاءِ نه هٽايو هو، اسان کي عوام ۽ ملڪ جي ترقيءَ جي ضرورت هئي، 15 سالن کان ڏسان ٿو ته هنن کي ڪم ڪرڻ نه ٿو اچي

آصف زرداري چيو ته  افغان ڀائر واپس وڃن ته ويچارا ڇا تي وڃن؟ هنن جي لاءِ هُتي ڇا آهي؟ پاڪستان کي ٺاهيو به سنڌ هيو ۽ بچايو به سنڌ آهي

Hosting 700k Afghans will cost $2.2 b for 3 years

خانڳڙهه ۾ جلسي کي خطاب ڪندي آصف زرداري چيو ته سمنڊ ۾ سڄي ملڪ جو پاڻي اچي ٿو، ان پاڻيءَ کي روڪي استعمال ڪري سگهجي ٿو، سمنڊ مان اربين ڊالرز ڪمائي سگهجن ٿا

هن چيو ته پاڪستان معاشي طور ڪمزور ٿي رهيو آهي، سدائين ملڪ جي بهتري جي ڳالهه ڪئي آهي، هنن کي لڳي ٿو ته ان ۾ اسان جو ڪو فائدو آهي

هي به پڙهندا

نواز ليگ ۽ ايم ڪيو ايم جو عام چونڊون گڏجي وڙهڻ جو اعلان