نواز ليگ ۽ ايم ڪيو ايم جو عام چونڊون گڏجي وڙهڻ جو اعلان

0
176

مسلم ليگ نون ۽ ايم ڪيو ايم پاران 8 فيبروري تي عام چونڊون گڏجي وڙهڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، چونڊن بابت گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ لاءِ 6 رڪني ڪميٽي ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي،  گڏيل ڪميٽي ۾ ٻنهي جماعتن جا 3-3 ميمبر شامل هوندا

خالد مقبول صديقي جي اڳواڻي ۾ ايم ڪيو ايم جي وفد نون ليگ جي مرڪزي سيڪريٽريٽ پهچي نوازشريف ۽ ٻين اڳواڻن سان ملاقات ڪئي

 ملاقات بعد گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي نون ليگ جي اڳواڻ خواجا سعد رفيق چيو ته اهو طئي ٿيو آهي ته ٻئي جماعتون 8 فيبروري تي عام چونڊن ۾ گڏجي حصو وٺنديون

خواجا سعد رفيق چيو ته  جي يو آءِ، فنڪشنل ليگ ۽ ٻيون جماعتون به اڳتي هلي اسان سان ملي سگهن ٿيون، بلاول کي ڳالهائڻ کان روڪي نه ٿا سگهون آزاد قسم جو ماڻهو آهي

 ايم ڪيو ايم جي مصطفيٰ ڪمال چيو ته عام چونڊن ۾ 2013 واري پوزيشن تي واپس اينداسين، 2013 ۾ ايم ڪيو ايم 20 قومي سيٽن مان 17 سيٽون حاصل ڪيون هيون، نوازشريف کي هر قسم جا مسئلا حل ڪرڻ جو تجربو آهي

ايم ڪيو ايم اڳواڻ چيو ته نون ليگ سان چونڊ اتحاد وزارتن لاءِ نه پر عوامي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڪري رهيا آهيون، ڪراچي کير ڏيندڙ ڳئون آهي ان کي چارو به ته کارايو وڃي، فاروق ستار چيو ته ماضي کي وساري قومي اتفاق راءِ ۽ قومي سياست ڪرڻ جي ضرورت آهي

هي به پڙهندا

بشير ميمڻ نواز ليگ سنڌ جو صدر مقرر