علي گوهر مهر جي پيپلزپارٽي ۾ اچڻ سان مقابلو ئي ختم ٿي ويو: خالد لنڊ ۽ بابر لنڊ

0
185

علي گوهر خان مهر جي پيپلزپارٽي ۾ اچڻ سان مقابلو ئي ختم ٿي ويو، نادر اڪمل لغاري به پارٽي ۾ ايندو ته سندس آجيان ڪنداسين

ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي پيپلزپارٽي جي اڳوڻي ايم اين اي خالد لنڊ ۽ پ پ ضلعي گهوٽڪي جي صدر بابر لنڊ چيو ته اسان سدائين مقابلا ڪيا آهن، ميان مٺو جيڪڏهن ميدان ۾ ايندو ته ڳائي وڄائي مقابلو ڪنداسين

خالد لنڊ چيو ته منهنجا باري پتافي سان ڪي به اختلاف نه آهن، پارٽي جيڪو به فيصلو ڪندي ان کي تسليم ڪنداسين

بابر لنڊ چيو ته علي گوهر مهر پ پ ۾ شموليت جو فيصلو ڪري سٺو فيصلو ڪيو، پيپلزپارٽي عام چونڊن ۾ گهوٽڪي ضلعو سويپ ڪندي

رياست جي رٽ کي چئلينج ڪندڙ معاف ڪرڻ جوڳا نه آهن: بلاول

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته دهشتگردن جون پناهگاهون تباهه ڪرڻ سان ئي امن قائم ٿيندو، دهشتگردن جي خاتمي لاءِ قومي ايڪشن پلان تي عمل ڪيو وڃي، رياست جي رٽ کي چئلينج ڪندڙ معاف ڪرڻ جوڳا نه آهن

بلاول چيو ته تيرا، گوادر، ڊي آءِ خان ۽ لڪي مروت ۾ دهشتگرديءَ جون بزدلاڻيون ڪارروائيون ڪري قوم جي سپوتن جو رت وهايو ويو

هن چيو ته اسان قوم خاطر جانيون قربان ڪندڙ فوج جي بهادر جوانن ۽ آفيسرز جي وارثن سان ڏک ۽ ڪاوڙ ۾ برابر جا شريڪ آهيون، دهشتگردي پاڪستان جا حوصلا نه ٿي ٽوڙي سگهي

هي به پڙهندا

افغان ڀائر واپس وڃن ته ويچارا ڇا تي وڃن؟ آصف زرداري