سڪرنڊ (ن پ ا) ايس يو پي جو سکر کان ڪراچي لاءِ نڪتل پيادل مارچ سڪرنڊ پهتو، جتي هزارين ماڻهن سندس شاندار آجيان ڪئي، ان موقعي تي خطاب ڪندي سيد زين شاهه چيو ته سنڌ اسان جو وطن آهي، جيڪڏهن ان کي ٽڪرا ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي ته اها ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪئي ويندي، هن چيو ته سنڌ امڙ جي لاءِ رت جي آخري ڦڙي تائين وڙهنداسين ۽ ان جي حفاظت ڪنداسين، هن چيو ته جيڪڏهن اليڪشن ڌانڌلي ذريعي ڪرائڻي آهي ۽ حڪومتون من پسند آڻڻيون آهن ته پوءِ ڪوڙو اليڪشني نظام بند ٿيڻ گهرجي، حڪمرانن جا پراڻا ڪيس ختم ڪري حڪومتون ڏنيون ٿيون وڃن اهو سلسلو به بند ٿيڻ گهرجي، اسان  جي ملڪ جون حالتون خراب آهن، وڻ وڻ جي ڪاٺين کي ملائي وفاقي حڪومت ٺاهي وئي آهي جيڪا ناڪام ٿي چڪي آهي، هن چيو ته ادارن کي گروهي مقصد ڇڏي ملڪ جي مضبوطي لاءِ سوچڻو پوندو، روشن ٻرڙو، سهيل ميمڻ، امير آزاد پنهور، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، فلڪ شير اوڏ، شهمير جمالي، قاسم سومرو، غلام حسين جوڻو ۽ ٻين پڻ جلسي کي خطاب ڪيو، ڪالهه سيد زين شاهه ڦڦڙن جي تڪليف سبب طبيعت ناساز هئڻ باوجود آڪسيجن چاڙهي مارچ جاري رکيو، جيتوڻيڪ ڊاڪٽرن کيس وڌيڪ سفر ڪرڻ کان منع ڪيو آهي.