ڌاٻيجي (ن پ ا) ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن تي بجلي جو بريڪ ڊائون ٿيڻ سبب  هڪ ئي وقت 2 لائينون ڌماڪي سان ڦاٽي پيون، ڪراچي کي پاڻي سپلاءِ معطل، ان ڏس ۾ ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن تي صبح 10 لڳي 25 منٽن کان هڪ وڳي تائين  بجلي جو ڊگھو  بريڪ ڊائون ٿيڻ سبب  72 انچ قطر جي پنج نمبر ۽ ھڪ نمبر نائين پاڻي جي بيڪ پريشر سبب ڌماڪي سان ڦاٽي پيون، جنهن سبب ڪراچي جي مختلف علائقن کي پاڻي جي سپلاءِ معطل ٿي وئي، جڏهن ته 2 پائپ لائينون   ڦاٽڻ سبب پاڻي ڌاٻيجي پمپ هائوس ، پمپ هائوس ڪالوني ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ ڪاھي پيو، ان حوالي سان   پمپ هائوس جي ايگزيڪيوٽو انجنيئر  جو چوڻ ھو ته  پاڻي جو پريشر تمام وڌيڪ آهي مڪمل پاڻي جي نيڪالي  ۾ وقت لڳي ويو، جنهن سبب مرمتي ڪم دير سان شروع ڪيو، هن چيو ته 5 نمبر جو جو مرمتي ڪم 24 کان 36 ڪلاڪن ۾ مڪمل ڪيو ويندو، جڏھن ته هڪ نمبر لائين  سيمنٽ جي ھجڻ سبب 7 کان 8 ڏينهن ۾ مرمتي ڪم مڪمل ٿيندو.